حڪومت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين لاءِ ايڏو بضد ڇو؟

تحرير: حاڪم نصيراڻي

فرانس، جرمني، هالينڊ توڙي ڀارت جهڙي ملڪ ۾ اليڪٽرڪ ووٽنگ مشين وارو تجربو ناڪام ٿي چڪو آھي۔ ان کان سواءِ  اسان کان وڌيڪ سڌريل ۽ سلجهيل يورپ جي ٻين ڪافي ملڪن اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال کان هٿ ڪڍيا ۔ ايتري تائين جو ڀارت جي هڪ رياست ۾ 2017 جي ننڍي چونڊ ۾ ڪنهن به بٽڻ کي دٻائڻ کان پوءِ هڪ ئي پارٽي جي پرچي نڪري پئي۔ ان عمل تي ڀارت جي سڀني پارٽين واويلا شروع ڪري ڏني۔ عمران خان جي سرڪار کان جتي ٻيا واعدا پورا نه ٿيا بس هاڻي ان ڳالھه تي ضد ڪيون بيٺو آھي ته ملڪ کان ٻاهر رهندڙ ماڻھن کي ووٽ جو حق ملڻ گهرجي۔ حڪومت کي يقين آھي ملڪ کان ٻاهر رهندڙ ماڻھن کي اهي مسئلا درپيش ناهن جيڪي ملڪ وارن کي ڏاج ۾ مليا۔ ٻاهر رهندڙ ماڻھن کي به ائين گمراهه ڪيو پيو وڃي جئين 2018 جي اليڪشن کان اڳ اسان سان واعدا ڪري  سنهري خواب ڏيکاريا ويا هئا۔

ڪجهھ ڏينهن اڳ هڪ خانگي ٽي وي چينل جي هڪ معروف پروگرام ۾ اي ووٽنگ جو تجربو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر حڪومتي ڌر جي وزير شبلي فراز اهو چئي ان تجربي کي رد ڪيو ته هي ماڻھو ۽ مشين تجربي لاءِ  مجاز اٿارٽي ناهن۔ حڪومت جو اهو چوڻ آھي ته هن مشين جي اچڻ کان پوءِ ڌانڌلي وارو امڪان ختم ٿي ويندو ۽ جنهن حلقي جي نتيجي اچڻ ۾ ڏينهن لڳندا هئا اهو نتيجو ڪلاڪن ۾ اچي ويندو جيڪو نتيجو سڀني لاءِ  قابل قبول هوندو

جڏهن ته اليڪشن ڪميشن توڙي مخالف ڌر جو موقف آهي ته اي ووٽنگ مشين دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ناڪام ٿي چڪي آھي ته اسان وٽ وري ڪهڙي بنيادن تي ڪامياب ٿيندي؟ اليڪشن ڪميشن ته مشين مٿان ٽن درجن کان وڌيڪ اعتراض واري حڪومت جي شفاف چونڊن واري دعوي جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي۔ حڪومت جي نيڪ نيتي جو اندازو ان ڳالھه مان لڳائي سگهجي ٿو جو ايلفي ۽ چيوگم جي تنقيد برداشت نه ڪري سگهي۔حڪومت به نه ڪئي هم نه تم کڻي اليڪشن ڪميشن تي نواز شريف سان رابطن ۽ رشوت وٺڻ جو الزام هڻي ڇڏيو۔ پارلياماني ڪميٽي ۾ امڪاني شڪست کي ڏسندي سواتي صاحب بائيڪاٽ ڪري اتان اٿي هليو ويو۔ ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن تي ڪاوڙ جو اظهار به ڪيو ۽ جهنم ۾ وڃڻ جي به ڳالھه ڪئي۔ فواد چوڌري صاحب ۽ ٻين وزيرن به اليڪشن ڪميشن کي ڌانڌلي جو مک ڪارڻ قرار ڏنو ۽ ان وچ ۾  اليڪشن ڪمشنر کي اليڪشن وڙهڻ جي صلاح به ڏيئي ڇڏي۔ حڪومت جي اهڙي رويي تي اليڪشن ڪميشن سان گڏ مخالف ڌر به افسوس ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪيو۔

ڏٺو وڃي ته اي ووٽنگ مشين جو استعمال پاڪستان ۾ تمام ڏکيو آھي ۔ اسين اڃا اها ترقي نه ڪئي آھي جو ٽيڪنالاجي جو صحيح استعمال ڪري سگهون۔ هڪ ته اسان جي ملڪ اندر پري پري تائين بجلي جي اها سهولت ميسر ناهي جيڪا ان مشين جي گهرج پوري ڪري سگهي۔ اسان جي آبادي جو گهڻو حصو ڳوٺن ۾ رهي ٿو ۽ ڳوٺاڻن ۾ اهو شعور ناهي جو ان مشين جو صحيح استعمال ڪري سگهن۔اي ووٽنگ مشين ۾ جتي ٻيا به نقص ٿي سگهن ٿا پر هڪڙي اهم ڳالھه اها به آھي جو دنيا ۾ تمام چالاڪ هيڪر ويٺا آھن۔ ائين کڻي چئجي جو هر پارٽي وٽ ڪمپيوٽر جا ماهر ماڻھو ويٺا آھن۔جيڪڏهن انهن مشينن کي هيڪ ڪري وڌو ته سڄي ڪئي ڪمائي تي پاڻي ڦري ويندو۔ اهي هيڪر ايترا ته چالاڪ ۽ هوشيار آھن جو دنيا جي ڪنهن به مضبوط کان مضبوط نظام کي به سولائي سان هيڪ ڪري سگهن ٿا انهن لاءِ  ڪجهھ مشينون هيڪ ڪرڻ ڪو مسئلو نه ٿيندو۔

گذريل اليڪشن ۾ پوري ملڪ ۾ لڳ پڳ 85 هزار پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيل هيون وري انهن ۾ ٻه لک کان وڌيڪ  مردن توڙي عورتن لاءِ  ووٽنگ بوٿ به ٺاهيا ويا هئا۔ اهڙي صورت ۾ ايترين مشينن لاءِ  بجلي جو بندوبست ڪٿان ٿيندو، کڻي اهي مشينون بيٽرين تي به هلن پر اسان وٽ پولنگ اسٽيشنز تي پهچڻ ۾ به ڪافي وقت لڳي ويندو آھي اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن ڪنهن مشين جي بيٽري ويهجي وڃي يا ٻي ڪا فني خرابي پيدا ٿئي ٿي تڏهن به وڏو مسئلو پيدا ٿيندو۔

پاڪستان جي هر اليڪشن کي شڪ جي نظر سان ڏٺو ويندو آھي۔ هر هارائيندڙ پارٽي کلي دل سان پنهنجي هار تسليم ناهي ڪندي ايتري تائين جو هارائيندڙ اميدوار به ڌانڌلي جو سور پٽيندو رهي ٿو۔ پاڪستان  جي تاريخ جي شايد ئي ڪا اهڙي اليڪشن هجي جنهن جي نتيجن کي سڀني دل سان قبول ڪيو هجي۔ اڪثر هارائيندڙ پارٽي پنهنجي هار پويان غير جمهوري قوتن ۽ ملڪي ادارن جو هٿ سمجهندي آھي۔ ان ڪري اليڪشن کان پوءِ ملڪي ادارا به شڪ جي نگاه سان ڏٺا ويندا آھن۔ آءِ جي آءِ جو کٽڻ هجي يا پ پ پ جي ڪاميابي،  نواز ليگ جو هڪ ڀاڱي ٽي واري اڪثريت هجي يا ق ليگ جي حڪومت يا پي ٽي آءِ جي ڪاميابي پر واويلا هر اليڪشن ۾ ٿيندي رهي آھي۔

ڌانڌلي روڪڻ ڪو وڏو مسئلو ناهي جنهن تي اسان جي حڪومت ايڏي پريشان آھي۔ جديد ٽيڪنالاجي کان وڌيڪ نيت صاف هجڻ گهرجي ايمان جي سلامتي ضروري آھي۔ شڪست کي دل سان قبول ڪرڻ جي تياري ٿيل هجي۔

  1. هر پولنگ تي هر اميدوار جو پنهنجو پنهنجو ايجنٽ مقرر هوندو آھي۔ پرزائينڊنگ آفيسر نيڪ نيتي سان هر ايجنٽ کي پنهنجي مهر ۽ صحيح سان نتيجو ڏيئي ڇڏي ۽ اهو ساڳيو نتيجو سڀني جي سامهون پنهنجي ريٽرننگ آفيسر ڏانهن به واٽسپ وسيلي اماڻي ڏيئي۔
  2. جمع ڪيل پولنگن جي نتيجن جو اعلان اميدوارن جي آڏو ڪيو وڃي۔
  3. سيريل مطابق هر پولنگ اسٽيشن جو نتيجو ضلع هيڊ ڪواٽر ۾ آويزان ڪيو وڃي جيئن هر اميدوار پنهنجي ايجنٽ پاران ڏنل نتيجي موجب پنهنجا پنهنجا نتيجا ڀيٽائي وٺي۔

4.ائين ڪرڻ سان اليڪشن جي نتيجن ۾ ڦيرڦار نه ٿي سگهندي ۽  سڀ کي اهي نتيجا قبول پوندا۔

  1. ٺپا هڻڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ ٻاهرين ضلعن جي پوليس مقرر ڪئي وڃي ۽ پوليس کي بااختيار ڪيو وڃي ضرورت پوڻ تي رينجرز ۽ فوج کان به مدد وٺجي۔ انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ به هيٺ کان مٿي تائين پسند ۽ ناپسند واري عنصر کي پري رکجي سڀني سياسي پارٽين کي چاپلوسي ۽ غيبي طاقتن جي مدد کان وڌيڪ پنهنجي ڪارڪردگي ۽ منشور جي زور تي اليڪشن وڙھڻ گهرجي۔ مون کي يقين آھي ڪا به پارٽي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جو الزام نه هڻندي ۽ ملڪي خزاني جا 150 ارب به بچي ويندا ۽ ملڪ جو نالو به روشن ٿيندو۔

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.