رحيم الله يوسف زئي: ڪابل جي ڦٽن جو ويڄ!

تحرير: امداد سولنگي

جڳ مشھور صحافي رحيم الله يوسف زئي به نيٺ ڪينسر جي بيماريءَ سان جھيڙيندي گذاري ويو.ھو مشھور صحافي ته ضرور  ھو پر ساڳي وقت ڪابل جي ڦٽن جو پراڻو ويڄ به ھو۔رحيم الله يوسف زئي کي پنھنجي  صحافت جي آڌار تي بلاڪ بسٽر خبرن کي ڳولي ڪڍي اچڻ جو فن ڪنھن ماھر مھاڻي وانگر ايندو ھو.سندس صحافتي مضمون لوڪ ڏاھپ ،جديد حسيت ،ادبي رس چس ۽ تاريخ جي شعور سان  سجايل خوبصورت ۽ حسين  گلدان محسوس ٿيندا  ھئا.

جڏھن ساين اکين واري ڇوڪري شربت گله جنھن کي جڳ مشھور فوٽو گرافر سٽيو مڪيوري 1984 ڌاي  پشاور جي  ڪنھن افغان  مھاجر ڪيمپ ۾ ڏسڻ کان پوءِ سندس سائي رنگ جي حيران ۽ پريشان  ڪندڙ اکين کان متاثر ٿي پنھنجي ڪيمرا جي تصوير جي فريم ۾ سندس چھرو محفوظ ڪيو ھو ۽ وري جڏھن شربت گله جي اھا تصوير نيشنل جاگرافي جي مخزن جي سرورق تي 1985 ڌاري ڇپي ھئي ته سموري دنيا ۾ افغانستان جي ماريل ۽ ڌڪاريل عورتن جي بنيادي حقن جي پائمالي جي حوالي سان نئون بحث ڇڙي پيو ھو.شربت گله  افغانستان جي عورتن جي  بدحالي جي  جيئري جاڳندي تصوير بڻجي اڀري ھئي ۽ عالمي دنيا شربت گله جي ڏکوئيندڙ اکين ۾  بي وسيءَ جو ھڪ ٻيو ڪابل دريا ڳولي لڌو ھو.شربت گله جي ساواڻ مائل اکين روشن خيال دنيا جي دل ۾ اھا جاءِ جوڙي ورتي جو  ھن کي روبرو ڏسڻ جي شديد خواھش ڪر موڙي اٿي پئي.پر شربت گله تيستائين ماڻھن جي اکين کان اوجھل ٿي چڪي ھئي ۽ آھستي آھستي اھو بحث به بنياد پڪڙڻ لڳو ته شربت گله جي نالي سان جا تصوير ڪنھن زماني ۾ وائرل ٿي ھئي سا دراصل جڙتو ۽ ڪيمرا جي اک جو  ڪمال ھئي.

شربت گله جي ڳولا ۾  نيشنل جاگرافي وارن کي جنھن شخص ڏي نھارڻو پيو سو  رحيم الله يوسف زئي ھو.جنھن صحافت واري عقابي اک سان شربت گله کي ڳولي ھٿ ڪرڻ جي اھم خبر کي ھڪ ڏينھن  بريڪ ڪري ڇڏيو.ياد رھي ته ھي اھا ئي شربت گله ھئي جنھن کي عالمي دنيا اڳتي ھلي ٽين دنيا  جي موناليزا قرار ڏنو ھو.شربت گله رحيم الله يوسف زئي کي ھڪ ڏينھن  پاڪستان جي تنگ کوليءَ ۾ ملي جتي اها ڪوڙي سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي ڏوھ ۾ قيدياڻي بڻيل ھئي.

اھا 1989 کان ٿورو اڳ جي ڳالهھ ھئي جڏھن رحيم الله يوسف زئي  القائده جي چيف اسامه بن  لادن جو سانده ٻه دفعا انٽرويو ڪيو ته اتحادي  دنيا جون نظرون ھڪدم ھن جي مٿان ڄمي ويون.ان وقت اسامه بن لادن دنيا ۾ ھر موضوع کان وڏو موضوع بڻيل ھو ۽ عالمي سياست به  اسامه بن لادن جي ئي گرد گھمي رھي ھئي. انھيءَ  سياست جي سڀني  ڪردارن جو چوڻ ھو ته  جيڪڏهن امن کي  ڪو خطرو ھو ته اھو اسامه بن لادن جي آرگنائيزيشن  القائده کان ئي ھو جيڪا ان وقت افغانستان مان آپريٽ ٿي رھي ھئي.اھڙي صورتحال ۾ جڏھن رحيم الله يوسف زئي اسامه بن لادن ۽ ملا عمر  جا روبرو انٽرويو ڪيا ته اھا خبر جھنگ جي باھ وانگر پکڙجي وئي.رحيم الله يوسف زئي کان اڳم جن به ماڻھن اسامه لادن جي متعلق لکيو ھو سي ڪڏھن به ھن سان نه مليا ھئا پر رحيم الله يوسف زئي اڪيلو ماڻھون ھو جيڪو ھن سان روبرو مليو ھو.

رحيم الله پنھنجي صحافتي ڪيريئر جي شروعات جي اردو ۽ پشتو سروس ۾ شموليت سان ڪئي.بي بي سي پشتو سروس جي شروعات 1981 ۾ ٿي ھئينھن جو بنيادي مقصد 50 کان 60 ملين جي لڳ ڀڳ  افغانستان،پاڪستان ۽ سموري دنيا ۾ وسندڙ پشتون ماڻھن تائين سروس جي رسائي ھو.پشتو بي بي سي سروس جو بنياد جڳ مشھور اسڪالر ڊاڪٽر نبي مصداق وڌو ھو جيڪو لڳ ڀڳ 1960 ڌاري اسڪالرشپ وٺي افغانستان مان يونائيٽيڊ ڪنگڊم ھليو ويو ھو.ڊاڪٽر مصداق کي پشتو سروس واري سيڪشن جو ھيڊ مقرر ڪيو ويو.اڳتي ھلي جڏھن 2015 ۾ ڊاڪٽر مصداق کي افغاني صدر اشرف غني جي سرڪار ميڊيا افيئرس ايڊوائيزر پڻ مقرر ڪيو ته اھا خبر به رحيم يوسف زئي نشر ڪئي ھئي.پر ھتي اھولکڻ ۾ وڌاءُ نٿو سمجھان ته ڊاڪٽر مصداق جي شروع ڪرايل بي بي سي پشتو سروس کي جنھن ماڻھوءَ پشتونن جي ٻچي ۽ ٻڍي تائين پھچايو اھو رحيم الله يوسف زئي ھو.جنھن جو سبب رحيم الله جي پشتو ٻوليءَ جي مختلف لھجن تي مھارت ھئي.سندس نشر ڪيل خبر ماڻھن جي  دلين ۾ ڪنھن پاڻيءَ جي پٿر وانگر ويھي رھندي ھئي ۽ سندس خبرن جي صداقت تي ماڻھون اکيون ٻوٽي يقين ڪندا ھئا.

رحيم الله يوسف زئي پھريون صحافي ھو جنھن طالبانن متعلق بي بي سي تي ڪيتريون اڇوتيون ۽ انوکيون ڪھاڻيون نشر ڪيون.پنھنجي  پروفيشنل ذميدارين کي نڀائڻ ۾ ھن پنھنجي جان جي به پرواهه نه ڪئي ۽ 1995 ۾ جڏھن ڪو پکي به ڪابل مٿان پرواز ڪندو ھو ته طالبانن کان پڇي لنگھندو ھو تڏھن رحيم الله قنڌار وڃڻ جو جوکم کڻي ڪيترا اکين ڏٺل واقعا ڪور ڪري سموري دنيا تائين پھچايا.ھن ان وقت افغانستان جي صورتحال متعلق رپوٽنگ ڪرڻ شروع ڪئي ھئي جڏھن روسي فوج 1979 ڌاري افغانستان ۾ داخل ٿي ھئي.رحيم الله کي اڳتي ھلي پاڪستان جي تمام وڏي ميڊيا ھائوس جنگ گروپ پاران سنڌن دي نيوز انٽرنيشنل جو پشاور جو بيورو چيف پڻ مقرر ڪيو ويو.سندس طويل صحافتي خدمتن عيوض پاڪستان جي سرڪار پاران 2005 ۽ 2010 ڌاري کيس ٻن وڏن اعزازن تمغه امتياز ۽ ستاره امتياز سان پڻ نوازيو ويو.رحيم الله يوسف زئي کي نه رڳو افغان افيئرس تي اٿارٽي ڄاتو ويندو ھو پر ساڳي وقت   FATA جي سياسي معاملن جو به  ماھر ڄاتو  ويندو ھو.

سندس صحافتي انداز ڏاھپ ڀريو ۽ تاريخ جي گھري  شعور ۽ ادراڪ جو آئينه دار ھو.جنھن خطي ۾ سندس جنم ٿيو اھو خطو تاريخي پسمنظر جي حوالي سان ڏاڍو شاھوڪار ھو.ڇو ته اھو خطو گنڌارا تھذيب جي اسرڻ وارو خطو ھو.تاريخ جي مختلف دورن ۾ خود رحيم الله يوسف زئي جي جنم ڀومي مردان (Ghandhara Grave Culture) جو مک مرڪز رھندي آئي ھئي.جنھن ڪري رحيم الله يوسف زائي ڪراس بريڊ واري تھذيب ۾ اک کلڻ جي ڪري انٽليڪوچئلزم جي اوجلتا کڻي پيدا ٿيو ۽ جنھن ھن جي جرنلزم جي ڪيرئر کي اھڙو reshape ڪيو جو سندس نالو سموري دنيا جي تمام وڏن صحافتي ادران ۾ گونجڻ لڳو.ھن جا مضمون،  فيچرس ۽ اسٽوريون پينٽاگون جھڙن ادارن ۾ به بحث ھيٺ آيا .سندس صحافت نئون اسڪول آف ٿاٽ کڻي آئي.ڪيترن ئي اسڪالرن ھن جي طرز صحافت کي ماضيءَ جي جڳ مشھور صحافين اوريانا فلاسي،مارڪ ٽلي،ڊامينڪ لپائيري،ليري ڪولنس ۽ ٻين سان پڻ ڀيٽيو .

اڄ اسان جي وچ مان اھو رحيم الله يوسف زئي الوداع ڪري وڃي چڪو آھي جيڪو جڏھن ڪنھن خبر کي ڇھندو ھو ته ان ۾ ساھ پئجي ويندو ھو.خبر کلندي به ھئي ۽ روئندي به ھئي.شايد ھاڻي افغانستان جي اڊڙيل ڦٽ تي خبرن جا پھا ائين ڪير به رکي به نه رکي سگھندو جئين رحيم الله رکندو ھو .ڇاڪاڻ ته اھو ڪمال رحيم الله کي حاصل ھو.ملالا يوسف زئي تون رحيم الله کي ڳوڙھن جو خراج ضرور ڏجان.ڪا ڳالھه نه آھي جو ھن تنھنجي مٿان ھميشه سواليه نشان  لڳايا…!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.