ايم آرڊي تحريڪ: ڪي اين شاهه جي شهيدن جو ڏهاڙو

تحرير: ممتاز ملاح

12 سيپٽمبر 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ شهرواسين پاران خيرپورناٿن شاهه شهر جي روڊن رستن تي  آمر ڊڪٽيٽر جنرل ضياء جي مڙهيل زبردستي آمريتي مارشل لا حڪومت خلاف ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ پر امن احتجاجي مظاهرن جو سلسلو شروع ٿي ويو، قانون لاڳو ڪندڙن کي مليل احڪاماتن تي ڪي اين شاهه شهر ۾ سخت ڪرفيو نافذ ڪيو ويو، ماڻهن کي پنهنجن گهرن تائين محدود رکڻ لاءِ سندن مٿان سختيون وڌيون ويون، هڪ طرف آمريتي حڪمن تي فوجي دستن شهر جي گهٽي گهٽي ۾ گشت وڌائي عوام کي محدود ڪرڻ ۽ احتجاجي هجوم کان پاسو ڪرڻ لاءِ سخت دٻاءُ وجهڻ جو سلسلو شروع ڪندي شهر جي ريسٽ هائوس تي فوجي پوائنٽ (ڇانوڻي) قائم ڪري ڇڏي هئي، هڪ طرف ماڻهن کي سندن گهرن ۾ واڙيو پئي ويو ته ٻئي طرف ايم آرڊي تحريڪ پاران جيل ڀريو تحريڪ ۾ گرفتاريون پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو!

ايم آرڊي تحريڪ پاران جڏهن گرفتاريون پيش ڪرڻ لاءِ خيرپورناٿن شاهه جي اهم سياستدانن ۽ مک سياسي ڪردارن ۾ اڳوڻو ايم پي اي حاجي اميربخش جوڻيجو، ۽ اڳوڻو وفاقي وزير  حاجي ظفر علي لغاري، اڳوڻو ايم اين اي  رفيق احمد مهيسر، اڳوڻو ايم پي اي  منورخان ٻٽ، امير علي ايري،  عبدالقادر ٻگهيو، عبدالحليم مهيسر،  راجا بشير احمد ٻگهيو، غني چانڊيو،  ڪامريڊ لياقت علي کوسو، بچل پليپوٽو،  سردار ميرخان ٻٻر ،  محمد الياس جوکيو، قاضي محمد اشرف، فيض چانڊيو، عبدالجبار کوسو،  غلام حسين جانوري،  وڪيل رسول بخش بروهي، شهاب عباسي، آفتاب چانڊيو، نورمحمد چانڊيو،  حاجي نبي بخش شيخ، امام بخش قمبراڻي، ڪامريڊ بخشل گوريلو، راجا لغاري، شڪورچنا، بخشل چانڊيو،  تراب سانگي، گل جاني بروهي، محمد جعفر سوڍر، بدرالدين شيخ، بدرچانڊيو، حبيب الله لانڊر سميت سوين ڪارڪنن "جيل ڀريو تحريڪ” جي فيصلي تحت گرفتاريون پيش ڪرڻ لاءِ جڏهن خانپورجوڻيجو ۽ سيتاروڊ کان عوام جي وڏي انگ ۾  ڌار ڌار جلوس خيرپورناٿن شاهه پهتا، جيڪي جلوس عوام جي وڏي انگ جي شڪل اختيار ڪندي اڳتي وڌڻ لڳو ته فوجي قوتن ان کي چئلينج ڪري ورتو، عوامي جلوس جيڪو مختيارڪار ڪي اين شاهه آفيس ڀرسان سب جيل طرف وڌڻ لڳو جنهن جلوس کي ريسٽ هائوس وٽان گذرڻو هو، جتي ريسٽ هائوس وٽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن جي هيڊ آفيس طور تي "مين پوائنٽ” هئي جتي فوجي دستي جي رهائشگاهه پڻ هئي، عوامي رد عمل، "جيل ڀريو تحريڪ” جو قافلو سڌو مختيارڪار آفيس سب جيل ڏانهن وڌي رهيو هو جنهن وڏي هجوم کي ڏسندي قانون لاڳو ڪندڙن پاران عوام جي وڏي هجوم کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ  ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا  گولا اڇلايا ويا، زبردست گئس شيلنگ ڪئي وئي، جيئن ماڻهن کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيلنگ دوران ريسٽ هائوس چوڪ جهيڙي جي ميدان ۾ تبديل ٿي ويو، صورتحال هٿن مان نڪرڻ لڳي هئي، جلوس جي مڇريل ماڻهن اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪافي ماڻهون اڳتي وڌيا ۽ مختيارڪار آفيس پهچي ڀڃ ڊاهه پڻ ڪئي، مڇريل ڪارڪنن  مختيارڪار آفيس ۾ بيٺل جيپ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

هي پهريون واقعو هو جيڪو جنرل ضياءُ الحق جي آمريت سان ڀرپور نفرت جو اظهار ڪندي باهيون ڏيڻ جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، ٻئي طرف ايم آرڊي جا سوين ڪارڪن جمهوريت جي بحالي جي سخت نعريبازي ڪندي "ريسٽ هائوس” اڳيان پهتا ته ريسٽ هائوس ۾ موجود قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن ايم آرڊي "جيل ڀريو تحريڪ” جي جلوس مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جتي ماڻهن مٿان انڌا ڌنڌ فائرنگ شروع ڪئي وئي، هڪ طرف هٿين خالي جمهوريت جا پروانا هئا جيڪي ملڪ ۾ لاڳو مارشلا خلاف روڊن تي نڪتل هئا، جمهوريت جا ديوانا جمهوري نظام آڻڻ ۽ ڊڪٽيٽر شپ جي خاتمي جون صدائون بلند ڪندي نعريبازي ڪري رهيا هئا.

جمهوريت جي ديوانن جي سينن تي رياستي اهلڪارن ظلم برپا ڪندي سڌيون گوليون هلائي ڪي اين شاهه جي رستن ۽ روڊن کي ڳاڙهو لال ڪري ڇڏيو، ڪي اين شاهه جا روڊ راتا انساني رت سان وهنجي ڳاڙها لال ٿي ويا، ڳڀرو نوجوانن جا لاش ڪرايا ويا، ڪي اين شاهه جي ڌرتي ڪربلا جو ميدان بڻجي وئي، قيامت صغري’ برپا ڪئي وئي، جمهوريت جي پروانن کي جمهوريت جي قيام جي نعري ھڻڻ تي کين ايترو ڀوڳڻو پيو جو سندن جا لاش ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين روڊن تي لاوارث جيان پيل رهيا، وارثن هوندي لاوارثي جيان شهيدن جي لاشن تائين وارثن کي به اچڻ نه پيو ڏنو ويو، شهر مٿان به گولين جي برسات هلائي شهرين عوام کي حراسان ڪري کين گهرن ۾ بند رکيو ويو، گولين لڳڻ سبب جمهوريت لاءِ نذرانا ڏيندڙ 9 ڄڻا موقعي تي ئي شهيد ٿي ويا،رياستي اهلڪارن جو خوف ۽ ڏهڪاءُ سڄي شهر ۽ تعلقي ۾ ڦهليل هو، گوليون هلڻ جو خطرناڪ سائرن وڄي رهيو هو اڪثر شهري پاڻ کي غيرمحفوظ سمجهي رهيا هئا، فائرنگ جو اڻ کٽندڙ سلسلي سبب  حراس ڇائنيل رهيو، معصوم ٻارڙا خوف وچان ڪيهاٽ ڪري رهيا هئا، اهڙي  دردناڪ واقعي سبب ڪيترن عورتن جا حمل به ضايع ٿي چڪا هئا، ڄڻ ته ڪي اين شاهه ۾ ڪربلا جهڙي دردناڪ واقعي جنم ورتو هجي!

ايم آرڊي تحريڪ دوران رياستي اهلڪارن جي گولين لڳڻ سبب ٿيل شهيدن ۾20 سالن جو عبدالعزيز لاکير، 21 سالن جو عبدالغني ابڙو، 28 سالن جو شاهنواز کوسو، 30 سالن جو نظام الدين نائچ، 32 سالن جو الهورايو لانگاهه، 21 سالن جو حبيب الله لغاري، 23 سالن جو غلام نبي کوسو، 20 سالن جو ديدار علي کوکر، 22 سالن جو ضمير حسين جاگيراڻي سميت ڪيترا ئي ڪارڪن پڻ گوليون لڳڻ ۽ آنسون گئس پريشر سبب زخمي ٿي پيا هئا، اڄوڪو ڏينهن ڪيڏو نه ايذاءُ ۽ تڪليف ڏيندڙ ڏهاڙو آهي.

 

You might also like
1 Comment
  1. بشير احمد خاصخيلي says

    ۽ پوء پيپلز پارٽي تحريڪ کي ڇرو هڻي وزيراعظم جي ڪرسي ماڻي ورتي

Leave A Reply

Your email address will not be published.