ڪامريڊ منان چانڊيو جي واهر جو سوال

تحرير: جاويد احمد چانڊيو

وارهه  ناليوارو ليکڪ ۽ جاکوڙي ڪردار ڪامريڊ منان چانڊيو جيڪو عوام جي ڀلائي خاطر۽ان جي بنيادي مسئلي جي حل لاءِ بنا ڪنهن لالچ جي جدوجهد پئي ڪئي آهي سو وقت بيماري جي بستري تي آهي، لاڙڪاڻي جي  ڊاڪٽرن ڪامريڊ منان چانڊيو جي زندگي کي سخت قسم جي تڪليف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي، سندس اکين جو نور ئي ختم ڪري ڇڏيو هو، ،جسماني سگهه ختم ٻين بيمارين به منهن ڪڍيو آهي،ڪامريڊمنان ان جي باوجود همت حوصلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪمي نه آهي،

لاڙڪاڻي جون سرڪاري اسپتالون ڪوس گهر بڻجي چڪيون آهن، ڪامريڊ منان چانديولاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ داخل ته ٿيو پران جو خراب نتيجونڪتو، ڪامريڊ منان چانڊيو جا گهر ڀاتي سندس علاج لاءِ  وڏي رقم خرچ ڪري چڪا آهن،دوائن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون،آهن،وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي سگهه ختم ٿي رهي آهي،حڪومت وس وارن کي گهرجي ته ڪامريڊ منان چانڊيو جي زندگي بچائي وڃي،واهر ٿيڻ سان ڪامريڊ منان چانڊيوجي زندگي بچي سگهي ٿي. ڪامريڊ جي بيماري  تي ڪيترن صحافين،ليکڪن پنهنجي ڳڻتي جو  اظهار ڪيو آهي.  هن جي صحت گهڻي تسلي بخش نه آهي،

ڪامريڊ منان چانڊيو ،ڪيتري اسپتالن جا چڪرڪاٽي،  هن وقت سخت بيماري واري حالت ۾ ڪراچي جي سول اسپتال ۾ داخل آهي،سول اسپتال ۾ ڊاڪٽرڪامريڊ منان جي صحت سڌاري لاءِ ڀرپورڪوششون ڪري رهياآهن،

ڪامريڊ منان چانڊيووطن پرست، سنڌ پرست، انسان دوست،يارن جو يارغريبن جو ڀرجهلو،عمل ۽ قلم وسيلي سڄي زندگي عوامي جدوجهد ۾ گذاري،سنڌ جو عوام هن جا مضمون مختلف اخبارن پڙهندو آهي، ڪامريڊ هرظلم خلاف مزاحمت ڪئي ،ظلم خلاف رڪ جي ديوار بڻجي ڀرپور مقابلو ڪيوآهي،۽بنا ڪنهن فرق جي مظلوم جي خدمت ۽مدد ڪرڻ ۾ هن پنهنجي لکڻين ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي.

توهان کي چڱي طرح ياد هوندو ته سنڌ جي تاريخي شهر ميهڙ۾ ڪجهه سال اڳ ڏينهن ڏٺي جو سرعام سنڌ جي بهادرنياڻي ام رباب چانديوجي گهر ڀاتين کي قتل ڪيو ويو،هن دل ڏاريندڙواقعي سماج کي جنهجوڙي ڇڏيوهو، ،ان دل ڏاريندڙواقعي تي ڪامريڊ منان چانديوپنهنجي قلم وسيلي خوب لکيو، مظلومن جي مدد لا۽ هن جو قلم وڏي طاقت سان هلڻ لڳو، مظلوم جي انصاف لاءِ هڪ خاص مهم هلائي.

وارهه جي بنيادي مسئلن سميت سنڌ خلاف هرٿيندڙسازشن جو چڱي پردو طرح چاڪ ڪيو،ڪامريڊ منان چانديوپنهنجي اباڻي شهر وارهه سميت سنڌ جي هراهم اشو۽عوام جي بنيادي مسئلن تي نه رڳو جدوجهد ڪئي، پرعوام جو آواز اقتدارايوانن تائين پهچايو،جمهوريت ۾هرماڻهون کي سياست ڪرڻ جو پورو حق حاصل آهي.

ڪامريڊ منان چانديوعوامي تحريڪ جو سرواڻ رسول بخش پليجو،هارين مزدورن پورهيتن جو محبوب اڳواڻ شهيد فاضل راهوهن جا پسند اڳواڻ آهن،جڏهن سنڌ ۾ ايم آرڊي جي تحريڪ جو عروج هو،ان تحريڪ جو مقصد جمهوريت جي بحالي هو،ايم آرڊي جي تحريڪ ۾ ڪامريڊ منان چانڊيوگهڻوعملي طور سرگرم رهيو،لاڙڪاڻي جي معروف پاڪستان چوڪ تي پاڻ بنا خوف گرفتاري ڏني.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.