عمرشريف جي علاج لاءِ ميڊيڪل بورڊ قائم

اسلام آباد (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار جي  آزادي جي بنيادي، جمهوري ۽ آئيني حق تي پڪو يقين رکي ٿي، ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي مسودي تي سمورين ڌرين سان اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، ڊيجيٽل ميڊيا پليٽ فارمز ڪنهن ريگيوليٽري فريم ورڪ تحت نه آهن، ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ ڪجهه سالن ۾ 25 ارب رپين تائين پهچي چڪي آهي، پاڪستان برطانيا سان ٻطرفن لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو، اميد آهي ته برطانوي حڪومت پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي حوالي سان پنهنجي پاليسي تي نظرثاني ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪستان ۾ برطانيا جي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي برطانوي هاءِ ڪمشنر تجويز ڏني ته پي ايم ڊي اي جي مسودي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، هوڏانهن  چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر جيڪا اليڪشن کٽي وڃي اها شفاف ۽ جنهن ۾ هارائي وڃي ان تي ڌانڌلي جو گوڙ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي ٿي، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي، وزيراعظم جي هدايت تي عمر شريف جي عيادت جي لاءِ آيا آهيون، ڪالهه ڇنڇر ڏينهن سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سدان گڏ آغا خان اسپتال ۾ ناليواري ڪاميڊين عمر شريف جي عيادت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڊاڪٽرن جو بورڊ جيڪو فيصلو ڪندو، حڪومت ان ۾ تعاون ڪندي، کيس اطمينان بخش علاج جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.