ايمبولنس سهولت جي کوٽ، صحت واري سيڪريٽري کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ جي ڳوٺن ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري سنڌ  ۽ صحت کاتي جي سيڪريٽري سميت 15کان وڌيڪ ڊپٽي ڪمشنرن کي نوٽيس جاري ڪري جواب گهري ورتو آهي، درخواستگذار جي وڪيل مظهر شيخ پنهنجي موقف ۾ چيو ته سنڌ جي اهڙي علائقن ۾ ايمبولينس جي سهولت نه هجڻ ڪري مريض فوت ٿي ويندا آهن. جڏهن ته ڳوٺڻ ۾ مريضن کي فوري شهرن ۾ منتقل ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي. وڏن شهرن ته مختلف سماجي نتظيمن پاران ايمبولنيسز جي سهولتون موجود آهن پر حڪومت ڪجهه ناهي ڪيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.