اوٻاوڙي مان ماٿيلي واسي اغوا. ڊرائيور ڀڄي جان بچائي

ميرپور ماٿيلو/ اوٻاوڙو )نمائندن وٽان (اوٻاوڙي ڀرسان گڊو ڪشمور لنڪ روڊ تي رات دير سان هٿياربند هڪ ڪار کي روڪي ميرپور ماٿيلي  واسي ڪار سوار نوجوان سجاد علي ميراڻي کي اغوا ڪري ڪچي واري علائقي ڏانهن کڻي فرار ٿي ويا ۽ ڪار ڊرائيور ڀڄي پنهنجي جان بچائي،  جڏهن ته اهڙو اطلاع ملڻ تي کنڀڙا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي پيرا کنيا، ياد رهي ته رات دير سان نوجوان ڪشمور کان واپس ميرپور گهر اچي رهيو هو ته ته رستي مان اغوا ڪيو ويو آهي ۽ اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن به اغوا جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.