ڪنري ۾ ڏوهارين جو راڄ، موبائل جي دڪان مان لکين رپين جي چوري

ڪنري (ت ر)  ڪنري ۾ بدامني وڌي ويئي، رات دير سان نامعلوم چور موبائل جي دڪان جا تالا  ٽوڙي لکين روپين جا موبائل فون ٻھاري ويا تفصيل موجب ڪنري ۽ آس پاس بدامني وڌي ويئي گذريل رات دير سان عمرڪوٽ بس اسٽاپ وٽ قائم حافظ موبائل دوڪان مان چور  لکين روپين جا موبائل چوري ڪري ويا. چور دڪان ۾ پيل لکين روپين جا قيمتي  70  کان مٿي  قيمتي موبائل فون چوري ڪري کڻي ويا جن جي ماليت لکين رپيا ٻڌائي پئي وڃي ، هوڏانهن پوليس علائقي جي ٻن چوڪيدارن کي حراست ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.  شھر ۽ آس پاس  وڌندڙ بدامني تي دڪاندار ۽ شھري پاڻ کي غير محفوظ سمجھڻ لڳا آھن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.