ٽنڊي جان محمد واسڻ سان انصاف نه ٿيو، پوليس ونگاري

انب موري (ن ع آ) ٽنڊو جان محمد شھر جي قيصر ڪالوني جي رھواسي عبدالخالق جي ڌيءَ آسيا کي جوابدار شاھد جٽ،منور جٽ اغوا ڪري کڻي وڃي، ٺٺي ضلعي جي شھر گھارو جي رھواسي لال مير ڪاتيار کي ستر ھزار رپين ۾ وڪرو ڪري ڏنو، اغوا ٿيل آسيا جي ڀاءُ جي فرياد تي ٽنڊو جان محمد پوليس گذريل 6 تاريخ تي ايف آءِ آر داخل ڪري ڊي ايس پي جھڏو سڄاڻ سنگھ سوڍو ٽنڊو جان محمد ٿاڻي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته تايخ 6/9/2021 تي فريادي محمد ارشد ايف آءِ آر داخل ڪرائي ته ڀيڻ آسيا کي جوابدار شاھد منور جٽ  ۽ لال مير ڪاتيار اغوا ڪري ويا اسان ايف آءِ آر داخل ڪئي، ڇوڪري کي ھٿ ڪري ان جو ميڊيڪل ڪرايو جوڊيشل ميجسٽريٽ صاحب وٽ قلم ھڪ 164 جو بيان رڪارڊ ڪرايو سين جوابدار شاھد کي گرفتار ڪيو ۽ 9 تاريخ تي جيڪي جوابدار گرفتار نه  ٿيا، اھي فريادي ڌر کي ڌمڪيون ڏئي چئي ويا ته ڪيس تان ھٿ کڻو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.