حيدرآباد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي دڪاندار زخمي

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڦر دوران هٿياربندن هڪ دڪاندار کي گوليون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو، حيدرآباد جي مارڪيٽ  ٿاڻي جي حد ٽاور مارڪيٽ واري علائقي ۾ ٽن هٿياربندن هڪ دڪان تي چڙهائي ڪري ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران دڪاندار اقبال ميمڻ رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون ته هٿياربند فائرنگ ڪري دڪاندار کي گولي هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، زخمي دڪاندار کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو،پوليس واقعي واري هنڌ پهچي معلومات ورتي،

گڏيجي ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، اهلڪار سميت 7ڄڻا زخمي

راڻيپور(رپورٽ :عامر مهيسر) راڻيپور لڳ گڏيجي ۾ راڄپر برادري جي ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ پوليس اھلڪار سميت 7 ڄڻا عبدالحسين راڄپر، الطاف، راڻو،پنجل، انور راڄپر ۽ ٻين کي لٺين،سروٽا، لتون ۽ مڪون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيا،واقعي جو اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ محلي دارن وچ ۾ پئي جھيڙي کي ٽاريو ۽ زخمين کي راڻيپور رورل ھيليٿ آندو ويو،جڏھن ته پوليس اسپتال ۾ زخمين کان ٿيل جھيڙي جا وڌيڪ تفصيل وٺي وڌيڪ جاچ ڪري ڏني آھي.

ڪراچي۾  ٽرالر جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت

ڪراچي (رپورٽر)قومي شاهراه تي پورٽ قاسم جي ڀرسان تيز رفتار ٽرالر جي ٽڪر ۾ هڪ واٽهڙو 21  ورهين جو نوجوان شهزاد پٽ حق داد فوت ٿي ويو، اطلاع ملڻ تي ڇيپا جي رضاڪارن حادثي واري هنڌ تي پهچي فوتي نوجوان جي لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

اسرائيلي فوجين سان چڪرين ۾ 174 فلسطيني زخمي

والاريل بيت المقدس(م ڊ) اسرائيلي جيلن ۾ قيد فلسطينن جي حمايت ۾ ظاهرن دوران اسرائيلي فوجين سان چڪڙين  ۾ 174 فلسطيني زخمي ٿي ويا،چيني خابرو اداري مطابق فلسطيني ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته اسرائيلي فوجين طرفان اتر اولهندي ڪناري جي شهر نابلس جي بيتا، هوار ۽ بيت دجان ۾ ظاهرين کي منتشر ڪرڻ لاءِ ڳوڙا گئس ۽ رٻڙ جي گولين جو استعمال ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ايمبولينس ڊرائيور ۽ فوٽو جرنلسٽ سميت 174 فلسطيني زخمي ٿيا آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.