نائن اليون ۾سعودي عرب جي ملوث هجڻ جا ثبوت نه مليا : جاچ سربراهه

واشنگٽن ( م ڊ) آمريڪي زمين تي القاعده جي سڀني کان وڏي دهشتگردي واري ڪارروائي کي 20 سال گذري ويا، نائن اليون جي نالي سان مشهور ٿيندڙ واقعي ۾ 2 هزار 996 ماڻهو مارجي ويا هئا، نائن اليون جي ماسٽر مائنڊ خالد شيخ محمد ۽ سندس چئن ساٿين مٿان داخل ڪيس جو اڄ تائين فيصلو نه ٿي سگهيو.هوڏانهن نائن اليون جاچ ڪميشن جي سربراه ٽامس ڪين چيو آهي ته آمريڪا ۾ پيش ايندڙ واقعي ۾ سعودي عرب جي ملوث هجڻ جو ثبوت ناهي مليو. هن چيو ته جهازن جي حملي کي روڪي سگهجيو ٿي. ياد رهي ته سعودي حڪومت آمريڪا مٿان 11 سيپٽمبر جي دهشتگرد حملن بابت ڳجها دستاويز سامهون آڻڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي آهي.سعودي عرب چيو آهي ته اسان 11 سيپٽمبر جي معاملي تي هميشه شفافيت تي زور ڏنو آهي. اميد آهي ته ڳجها دستاويز سامهون اچڻ سان سعودي عرب جي خلاف بي بنياد الزام هميشه جي لاءِ ختم ٿي ويندا. واضح رهي ته آمريڪي صدر جوبائيڊن تازو ئي 11 سيپٽمبر 2001 تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر مٿان ٿيندڙ حملن بابت ڳجها دستاويز جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. آمريڪي صدر حڪومتي جاچ جا ڳجها دستاويز ايندڙ 6 مهينن ۾ جاري ڪرڻ جي حڪم نامي تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.

پاڪستانين جي اڪثريت طالبان حڪومت جي قيام تي خوش: سروي

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستاني قوم جي اڪثريت افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي قيام تي خوش آهي، گيلپ پاڪستان جي سروي مطابق 55 سيڪڙو پاڪستانين افغانستان ۾ طالبان جي اچڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو،25 سيڪڙو خوش نه هئڻ جو چيو، 20 سيڪڙو ڪا به راءِ ڏيڻ کان انڪار ڪيو، سڀ کان وڌيڪ ڪي پي ۾ 65 سيڪڙو ماڻهو نظرآيا، بلوچستان ۾ 55 سيڪڙو، پنجاب ۽ سنڌ ۾ 54 سيڪڙو شهرين خوشي جو اظهار ڪيو

حڪومت مدو پورو ڪندي، سنڌ ۾ پي ٽي آءِ ايندي: فرخ حبيب

اسلام آباد (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي  ته وزيراعظم عمران خان ۽ سندس حڪومت علي بابا 40 چورن کان گهٻرائڻ واري نه آهي، زرداري ۽ پرچيءَ چيئرمين جي محنت ڪم ڪري ڏيکاريو آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ سنڌ به پيپلزپارٽي کي الوداع ڪرڻ جو ارادو ڪري چڪي آهي، هن چيو ته جمهوري حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪندي، انهن جي حڪومت ڪيرائڻ جي خواهش باقي خواهشن وانگر جلد دم ٽوڙي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.