ظفر چانڊيو آزاد نه ٿيو، وارث سراپا احتجاج

فريد آباد ( ن ع آ)  فريدآباد واسي ظفر چانڊيو جي  آزادي لاء وارثن جي علامتي بک ھڙتال ظفر چانڊيو  17 مھينن کان گم آهي، ماءُ ڀينرون روئي روئي حال ھيڻا ڪري ڇڏيا، فريدآباد واسي ظفر چانڊيو جي آزادي لاءِ وارثن جو احتجاجي مظاهرو علامتي بک ھڙتال جاري رکي، جنهن ۾ وارثن ذاڪر چانڊيو،  شير چانڊيو، ماجد چانڊيو ۽ ٻين 263 ڏينهن به علامتي بک ھڙتال جاري رکي، ظفر چانڊيو جي آزادي لاءِ سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ظفر چانڊيو کي کنڀجندي 17 مهينن کان مٿي عرصو گذري چڪو آهي، ظفر چانڊيي جو ڪو بـ ڏس پتو پئجي ناھي سگھيو ته ھو ڪٿي ۽ ڪھڙي حال ۾ آھي. گڏيل قومن، انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته بيگناهه کنڀي گم ڪيل ظفر چانڊيو کي آزاد ڪري اسان وارثن مان بيچيني ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.