مدئجي جي 3 مقتولن جا مڙهه مٽي ماءُ حوالي، گهرن ۾ ماتم متل، علائقي ۾ خوف

شڪارپور (ڊ ر) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ويهه ميل ٿاڻي جي حد ڳوٺ ربنواز مڱڻيجو ۾ ڪلهوڙا مڱڻيجا برادرين وچ ۾ هلندڙ پراڻي خوني تڪرار تان ڪلهوڙا برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل ٽن ڄڻن  محرم پٽ ارباب مڱڻيجو، سراج پٽ غلام عباس ڪلهوڙو ۽ قتل ڪيل مهمان علي نواز پٽ علي حسن خروس جي جنازي نماز ڳوٺ ربنواز ڪلهوڙو ۾ ادا ڪئي وئي، ٻن مقتولن محرم مڱڻيجو ۽ سراج ڪلهوڙو جا لاش ڳوٺ ربنواز مڱڻيجو جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءَ حوالي ڪيا ويا، جڏهن ته قتل ٿيل مهمان علي نواز خروس جو لاش وارث خيرپور کڻائي ويا، جڏهن ته فائرنگ ۾ زخمي ٿيل هڪ زخمي عاشق مڱڻيجو جو اسپتال ۾ علاج هلندڙ آهي، ڪلهوڙا برادري جي هٿياربندن پاران اوطاق تي حملو ڪري فائرنگ  ڪرڻ دوران گوليون لڳڻ سبب مارجي ويل ٽن ڄڻن جي وارثن راڻو خان مڱڻيجو ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان عاَشق مڱڻيجو جي اوطاق ۾ ويٺل هئاسين ته ڪلهوڙا برادري جي هٿياربندن حملو ڪرڻ بعد هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب ٽي ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي، 8 سال پهريان ڪلهوڙا ۽ مڱڻيجا  برادري جي ڌرين وچ ۾ ڪارنهن مامري تان ٿيل جهيڙي دوران ڪلهوڙا برادري جي هڪ ڌر جي ماڻهن کي پناهه ڏيئي ڳوٺ ۾ رهائڻ تان خوني تڪرار شروع ٿيو هو ٻنهي برادرين جا هن مهل تائين 17 کان مٿي ماڻهو قتل ٿي چڪا آهن، فائرنگ ۾ قتل ٿيل محرم مڱڻيجو، سراج ڪلهوڙو ۽ علي نواز خروس جي قتل جي واقعي کي چوويهه ڪلاڪ گذرڻ باوجود واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ٿي ناهي سگهيو، مدئجي جي آسپاس جي علائقن ۾ هڪ هفتي اندر قبيلائي ويڙهاند دوران 7 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن جڏهن ته 3 ڄڻا زخمي ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.