حڪمت يار طالبا ن حڪومت جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪابل(م ڊ) حزب اسلامي جي سربراهه گلبدين  حڪمت يار افغان عبوري حڪومت جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو،هن چيو ته نئين حومت جو ساٿ ڏينداسين، هوڏانهن گڏيل قومن چيو آهي ته طالبان احتجاج جي رپورٽنگ ڪندڙ صحافين خلاف طاقت جي استعمال کان پاسو ڪن، هٿياربند جنگجو هجوم کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ فائرنگ ۽ ڪوڙن جو استعمال ڪري رهيا آهن، ٻئي پاسي آمريڪا طالبان جي حڪومت کي فوري طور تسليم ڪرڻ جي امڪان کي رد ڪندي چيو آهي ته جڏهن ان جي مفاد ۾ هوندو ته اهو طالبان سان ڳالهيون ڪندو،هوڏانهن افغانستان جي قائم مقام گهرو وزير ملا سراج الدين حقاني چيو آهي ته اسان پنهنجي پاڙيسرين سان اسلامي اصولن مطابق هاڪاري لاڳاپا چاهيون ٿا، ڪنهن جي معاملن ۾ مداخلت نٿا ڪريون،مجاهد ڀائرن کي چوندس ته جنگي مال غنيمت،ٻين مادي شين ۽ عهدن سان دوکو نه کائو، اسان جا ماڻهو مظلوم هئا، انهن سان خراب سلوڪ نه ڪريو، هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ڪنهن سان غلط ڪري ٿو ته اها ان جي ذاتي غلطي هوندي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.