بجلي بل ۾ ڪي ايم سي ٽيڪس اوڳاڙي تي وفاق ۽ سنڌ سرڪار آمهون سامهون

ڪراچي (رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ جي بل ۾ ڪي ايم سي ٽيڪس ڪليڪشن تي وفاق ۽ سنڌ آمهون سامهون اچي ويا.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته وفاق ڪي اليڪٽرڪ بلن ۾ ڪي ايم سي ٽيڪس جي اجازت نه ڏيندو.ٻئي پاسي سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جو موقف آهي ته بجلي بلن ۾ ڪراچي جي عوام کان ٽيڪس وصولي واڌو بار هوندو، اسان ان جي حق ۾ ناهيون، ڪي ايم سي جي ٽيڪس لاءِ ڪو ٻيو طريقي ڪار اختيار ڪيو وڃي، هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته وفاقي حڪومت، ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي بلن ذريعي ڪي ايم سي جي ٻن ٽيڪسن – فائر ۽ ڪنزروينسي جي اوڳاڙي جي اجازت ڏيڻ ۾ مدد ڪري رهي آهي.  ڪي ماڻھو جيڪي ڪي ايم سي کي خودمختيار نٿا ڏسڻ چاهين اهي  بجلي جي بلن ذريعي ڪي ايم سي ٽيڪس اوڳاڙڻ جي مخالفت ڪن ٿا جيتوڻيڪ اھي وساري ويٺا آھن ته ٽي وي فيس اڳواٽ ۾ ئي بجلي جي بلن ذريعي اوڳاڙي پئي وڃي. هن اها ڳالهه مزار قائد تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي جتي هن قائداعظم محمد علي جناح کي سندس ورسي جي موقعي تي خراج عقيدت پيش ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ مراد علي شاهه چيو ته ڪي ايم سي هر سال 1 ارب رپيا فائر ٽيڪس ۽ ڪنزروينسي اوڳاڙي جو هدف مقرر ڪيو آهي پر اهو مشڪل سان 250 ملين رپيا گڏ ڪري پئي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪي ايم سي ڪو نئون ٽيڪس نه پئي آڻي اهو پراڻو ٽيڪس گڏ ڪيو پيو وڃي. هن سوال ڪيو ته آئون حيران آهيان ته ڪجهه ماڻهو بغير ڪنهن سبب جي مخالفت ڪري رهيا آهن ۽ اهي وساري ويٺا آهن ته ٽي وي فيس اڳ ۾ ئي بجلي جي بلن ذريعي اوڳاڙيو پيو وڃي پوءِ ڪي ايم سي ٽيڪس ڇو نه؟ مراد علي شاهه انڪشاف ڪيو ته هن ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين ۽ چيئرمين نيپرا سان ڳالهايو آهي ته جيئن ڪي ايم سي کي بجلي جي بلن ذريعي ٽيڪس اوڳاڙي جي اجازت ڏئي ۽ هو ان بابت سنجيده پڻ آهن ۽ سندس مڪمل سهڪار جي پڻ خاطري ڪرائي آهي. هڪسوال جي جواب ۾ هن  چيو ته سندس حڪومت ليجنڊ اداڪار عمر شريف کي طبي علاج فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.