طاقتور حلقن غلطي مڃي ورتي، نواز شريف ڊسمبر ۾ وطن واپسيءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (م ڊ) ن ليگ سربراهه ميان نواز شريف وطن واپسيءَ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان لنڊن ۾ سرگرميون به شروع ڪري ڇڏيون ۽ پاڪستان ۾ به پارٽي اڳواڻن سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن، نواز شريف اهڙو اهم فيصلو ان ڪري ڪيو آهي ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه غلطيءَ  جو اعتراف ڪري ورتو آهي ۽ چيو آهي ته” غلطي ٿي وئي “ (ن) ليگ ذريعن جو چوڻ آهي ته ميان نواز شريف  ڊسمبر 2021ع تائين وطن پهچي ويندو، ان ڪري استعيفائن وارو آپشن  به ختم ڪيو ويو آهي ۽ سياسي سرگرميون تيز ڪرڻ ۽ ميان نواز شريف جي واپسيءَ لاءِ  ماحول   تيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته فوجي سربراهه 5  اهم سويلين شخصيتن سان ملاقات ۾ اهو به اعتراف ڪيو آهي ته ڊان ليڪس معاملي کي غلط استعمال ڪري ميان نواز شريف کي غدار قرار ڏنو ويو، اهڙي طرح اهم ذريعن جو چوڻ آهي ته طاقتور حلقن اهو به چيو آهي ته ميان نواز شريف چوٿون ڀيرو به وزيراعظم  طور قبول آهي ۽ اهو پيغام به ميان  نواز شريف کي ملي ويو آهي ، سينيئر صحافي عدنان حسين پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته ان صورتحال کانپوءِ عمران خان انتهائي گهٻرايل آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو عدليا، فوج ۽ ٻين ادارن کي تڪراري بڻائڻ کانپوءِ حڪومت اليڪشن ڪميشن جهڙي اهم آئيني اداري کي باهه ڏيڻ جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ تي لهي آئي آهي ۽ تڙ تڪڙ  ۾ اليڪٽرانڪ مشين ذريعي چونڊن ۾ڌانڌليءَ جو سوچي رهي آهي ان سان گڏ پرڏيهه ۾ رهندڙ 70 لک پاڪستاني  ووٽرن لاءِ به قانون آڻڻ لاءِ سرگرم آهي، نه صرف ايترو پرعام چونڊون 2023ع بدران 2022ع ۾ ڪرائڻ لاءِ به عمران  خان سرگرم آهي، ڇو ته هو چاهي ٿو ته جنرل فيض حميد ۽ جنرل قمر جاويد باوجوه جي موجودگيءَ  ۾ اليڪٽرانڪ مشين ذريعي چونڊون ٿين جيئن وري  به هو اقتدار ۾ اچي سگهي ۽ نواز ليگ کي هڪ ڀيرو ٻيهر  سياسي ميدان مان ٻاهر ڪڍي ڇڏي ان ۾ هو ڪيترو ڪامياب ٿئي ٿو اهو ته وقت ٻڌائيندو پر پي ڊي ايم هاڻي سياسي ماحول گرم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽  استعيفائن بدران اسلام آباد لانگ مارچ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، سياسي ماحول جيترو گرم ٿيندو اوترو حڪومت  مان مايوس ۽ بيزار عوام ٻاهر نڪري ايندو، ڇو ته عوام انتظار ۾ آهي ته سياسي قيادت اڳيان اچي ته هو پي ٽي آءِ حڪومت کان کليل نموني بيزاريءَ جو اظهار ڪري، حڪومت چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر راجا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن به داخل ڪرائي آهي ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي لوئندڙيءَ تي بندوق آهي ته هو حڪومت جي حڪمن تي هلي پر نه ٿو لڳي ته ان ۾ حڪومت ڪامياب ٿيندي، پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس به سڏايو ويو آهي جنهن مان گهربل قانون پاس ڪرايا ويندا پر حالتن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته وڪيل، صحافي ۽ سياسي جماعتون سراپا احتجاج هونديون ۽ سياسي ماحول انتهائي گرم ٿي ويندو.

حڪومت جي ادارن سان جنگ ۽ نوازشريف جي آمد جون خبرون اهم آهن: تجزئي نگار

اسلام آباد(م ڊ) سينئر تجزئي نگار نجم سيٺي چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو آمراڻو رويو سندس خاتمي طرف وٺي وڃڻ جو اشارو آھي،حڪومت جاننڍا ننڍا جھيڙا حڪومت کي فائدو ڏين نه  ڏين پر جمھوري نظام کي  نقصان ضرور پھچائيندا ، پنهنجي وي لاگ ۾ هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ، صحافين ، وڪيلن کان علاوه عدالتي مداخلتون حڪومت لاءِ مشڪلاتن جو سبب بڻبيون ، ملڪ مسلسل بحرانن جو شڪار ٿيندو پيو وڃي ،معاشي بحران ، پرڏيهي پاليسي بحران ، عدالت اندر بار ۽ بئنچ ۾ پرابلم ، بئنچ اندر پرابلم ،سياسي ماھرين جو خيال آھي ته موجوده وقت ۾ حڪومت حڪومت نه پئي ڪري بلڪ، ادارن ۽ ماڻھن سان جنگ جوٽي ڇڏي آھي ،هن چيو ته حڪومت پنهنجي لاء جيڪي محاذ کوليندي پئي وڃي انھن سان حڪومت جا پير نڪرندي پيا نظر اچن عدالت صحافين سان جهيڙي ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي معاملي تي حڪومت جو ساٿ بلڪل به نه ڏيندي تجزئي نگارن جو خيال آھي ته اپوزيشن لاءِ حڪومت خلاف مھم ھلائڻ جو ھي سازگار وقت آھي پي ٽي آءِ حڪومت کي لڳي ٿو ته  ايندڙ اليڪشن کٽي نه  سگھنداسين ان ڪري ادارن سان سياسي ڌرين سان محاذ کولي ڪري وڃون، هن چيو ته حڪومت جا غير سنجيدھ رويا ۽ نواز شريف جي آمد واريون خبرون اھم اشارا پيون ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.