سرڪاري ميمبر ثمينا ممتاز ڄاڻي واڻي سينيٽ ڪميٽي اجلاس ۾ نه آئي

اسلام آباد(م ڊ) سينيئر صحافي امداد سومري چيو آهي ته حڪومت چونڊن کان اڳ اونداهي ۾ تير هلائڻ شروع ڪيا آهن، نوان نوان محاذ کولي عوام جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي پنهنجي وي لاگ ۾ هن چيو  ته حڪومت آدمشماري جو نئون ڊرامو ڪيو آهي، گذريل ڏينهن سينيٽ ڪميٽي اجلاس ۾ حڪومتي ميمبر ثمينا ممتاز نه آئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ثمينا ممتاز اسلام آباد ۾ هئڻ باوجود اجلاس ۾ نه آئي ،کيس خبر هئي ته سرڪاري ميمبر ڪميٽي اجلاس ۾ گوڙ ڪندا هوءَ ان پلاننگ جو حصو نه پئي بڻجڻ چاهي، هن چيو ته حڪومت پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اي وي ايم مشين وارو قانون منظور ڪرائڻ چاهي ٿي، جيڪو بلڪل به آئين ۽ پارلياماني روايتن جي ابتڙ آهي، ڇو ته 13 سيپٽمبر وارو اجلاس رڳو صدر جي خطاب لاءِ سڏايو ويو آهي، اهڙي اجلاس ۾ ٻي ڪنهن ايجنڊا تي بحث نه ٿيندو آهي،هن وڌيڪ چيو ته  حڪومتي ميمبر اهو چئي رهيا آهن ته مخصوص حالتن ۾ سپليمينٽري طور ايجنڊا آڻي سگجهي ٿي، پر پارلياماني تاريخ ۾ اهو به پهريون انوکو مثال هوندو، جڏهن ته 18 مهينن ۾ آدمشماري ڪرائڻ، نئين آدمشماري جي بنياد تي تڪبنديون ڪرڻ تمام ڊگهي مدي وارو ڪم آهي جيڪو ممڪن ناهي، اهو سڀ ڪجهه حڪومت پاران ايندڙ چونڊون کٽڻ ۽ عوام جو ڪارڪردگي ۽ ٻين معاملن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ انداهه ۾ تير هلائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.