بحريا ٽائون ٽائون جي ٻيھر قديمي ڳوٺن تي چڙھائي، ايس يو پي اڳوڻ پهتا، ڌرڻو

ملير/گلشن اقبال /گڏاپ ) رپورٽ: جميل چانڊيو/ شفقت نوناري/ممتاز شيخ ) بحريا ٽائون اندر قائم قديم ڳوٺن ۾ ايس يو پي مرڪزي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، غلام مصطفى چانڊيو، ڊاڪٽر علي نواز گبول پارٽي  ڪارڪنن سان گڏجي قبضي هيٺ آيل علي داد گبول ڳوٺ، امام بخش گبول ڳوٺ، علي بخش گبول ڳوٺ، عمر ڳوٺ جو دورو ڪري ڳوٺاڻن سان ملاقاتون ڪيون، ان موقعي تي ڳوٺاڻن فيض محمد گبول، زبير الدين گبول، بشيراحمد گبول، محمد رفيق، آغا شاھد ۽ ٻين ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسان جي قديمي ڳوٺن کي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي حفاظتي چارديواري ڏنل آھي، ان جي باوجود اسان جي  گھرن اندر پوليس اٽالن جي سرپرستي ۾ گھرن دڪانن ھوٽلن کي ڊاھي پٽ ڪري ڪروڙين روپين جو نقصان ڪيو ويو آهي ان موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن اعجاز سامٽيو، غلام مصطفى چانڊيو، ڊاڪٽر علي نواز گبول ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي چيو ته بحريا ٽائون ملڪ رياض ياد ڪري ڇڏي ته سنڌي ماڻھون نڌڻڪا ناهن، جو پوليس کي استعمال ڪري قديمي ڳوٺن کي مسمار ڪرائي رھيو آھي. هوڏانهن ملير ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ڪراچي جي ڊويزنل آرگنائزر الاهي بخش بڪڪ عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بحريا ٽائون انتظاميا سنڌ جي آواز کي نٿي دٻائي سگهي، اسين سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت لاءِ نڪتا آهيون پوءِ ڇو نه اسان کي زندانن ۾ وڌو وڃي ۽ ڪوڙا ڪيس مڙهيا وڃن پر اسين بحريا انتظاميا کي ڪنهن به صورت ۾ غيرقانوني طور تي والار ڪرڻ نه ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.