ملڪ جي 42 ڪنٽونمنٽ بورڊن جي اڄ چونڊ

ڪراچي /حيدرآباد(رپورٽ:حفيظ ڦلپوٽو+رپورٽر) سڄي ملڪ جي 42 ڪنٽونمنٽ بورڊن جي چونڊ اڄ (آچر) ٿيندي. ڪل 21 لک 97 هزار  741 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري شيڊول مطابق پولنگ جو عمل صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين بنا ڪنهن وقفي تي جاري رهندوپنجاب ۾ 20 ڪنٽونمنٽ بورڊن جي چونڊ لاءِ پولنگ ٿيندي. سنڌ ۾ 11، خيبرپختونخواهه ۾ 8 ۽ بلوچستان جي 3 ڪنٽونمنٽ بورڊ لاءِ پولنگ ٿيندي، هوڏانهن   ڪنٽونمينٽ بورڊ اليڪشن جي حوالي سان انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن، ريجنل اليڪشن ڪمشنر سيد نديم حيدر موجب اڄ 12 سيپٽمبر تي ٿيندڙ ڪنٽومينٽ جي اليڪشن جا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، 42 وارڊن ۾ مجموعي طور 343 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن۔ ڪراچي جي6 ئي ڪنٽومنٽ بورڊ ۾ ووٽن جو تعداد 4 لک 66 هزار 695 آهن ڪراچي ۾ اڄ ٿيندڙ اليڪشن ۾ پي ٽي آء جي هڪ عورت سميت 41 ، پيپلز پارٽي جي هڪ عورت سميت 40 اميدوار ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 31 پي ايس پي جا 27، جماعت اسلامي جي هڪ عورت سميت 36 تحريڪ لبيڪ جي هڪ عورت سميت 18. ملسم ليگ فنڪشنل 13، اي اين پي هڪ ايم ايم اي هڪ اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن۔ 6ڪنٽونمنٽ بورڊز  جي 288 پولنگ اسٽيشنز مان 84 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس، 185 حساس قرار ڏنيون ويون آهن ،هوڏانهن بورڊ حيدرآباد جي 10 وارڊن تي اڄ 12 سيپٽمبر تي ٿيندڙ چونڊن جون تياريون مڪمل ٿي ويون، پ پ، ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف سميت مذهبي تنظيمن پاران پنهنجا اميدوار ميدان تي لاٿا ويا آهن

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.