سکر ۾ فوتي عورتن جي نالي تي بي آءِ ايس پي رقم ڪڍرائڻ جو انڪشاف

سکر(رپورٽر) سکر ريجن ۾ فوت ٿي ويل عورتن جي نالي امدادي رقم وصول ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم سکر فوت  ٿي ويل عورتن جي نالي تي رقم وصول ڪندڙ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو۽ گرفتار جوابدار امداد سليڪون ٿمبس جي مدد سان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مد ۾ ايندڙ رقم ڪڍڻ ۾ ملوث رهيو،  جوابدار امداد ڪيترن ئي عورتن جا سليڪون ٿمبس ٺاهي رقم ڪڍرائيندو رهيو،گرفتار جوابدار تي سائبر ڪرائيم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي،  جوابدار جي قبضي مان چيڪ، شناختي ڪارڊ ۽ موبائيل فونز برآمد ڪيا ويا آهن،  سليڪون ٿمبس جي مدد سان رقم ڪڍڻ ۾ گينگ ملوث آهي جن خلاف ڪاروائي جاري آهي،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.