تحريڪ انصاف سرڪار لاءِ اسٽيل مل مال غنيمت، من پسندن کي 16 ڪروڙ جاري

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو)  مالي بحران جي ور چڙهيل پاڪستان اسٽيل ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت دوران هڪ ٻيو وڏو مالياتي اسڪينڊل سامهون آيو آهي، موجوده سي اي او پاڪستان اسٽيل صوابديدي  اختيار استعمال ڪندي من پسند آفيسرن کي رٽائرمنٽ کان اڳ 16 ڪروڙ رپين جي رقم بطور ايڊوانس ادا ڪري ڇڏي، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته اداري ۾ پيل وفاق پاران ڏنل 6 ارب رپين مان 16 ڪروڙ رپيا بغير ڪنهن قانوني گهرجون پوريون ڪندي اهڙن آفيسرن کي جاري ڪيو ويو آهي جن جي رٽائرمنٽ ۾ اڃا وقت آهي، هوڏانهن اهو به معلوم ٿيو آهي ته 40 ڪروڙ رپين جي رقم بغير ڪنهن وياج جي جاري ڪئي وئي آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل رقم غيرقانوني طور تي جاري ڪئي وئي آهي ان ڏس ۾ فنانس کاتي اسٽيل مل جي انچارج کي 55 لک رپيا، انچارج ڊائريڪٽريڪٽوريٽ ٽيڪنيڪل سروسز کي 25 لک رپيا، جڏهن ته ڊپٽي مينيجر فائنل اڪائونٽس کي 25 لک رپيا، ان کان علاوه من پسند اڪثريت ملازمن کي 5 کان 10 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته هن وقت تائين مجموعي جاري ڪيل رقم جو انگ قرض ۽ ايڊوانس طور تي 40 ڪروڙ رپيا ٿئي ٿو، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آهي ته اداري مان قرض طور تي جاري ٿيندڙ رقم 12، 24، 36 قسطن جي صورت ۾ ترتيب وار 4 سيڪڙو، 8 سيڪڙو ۽ 12 سيڪڙو وياج طور اداري جي قائدي موجب وصول ڪيو ويندو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته وياج جي رقم هڪ ڪروڙ 60 لک رپيا ٿئي ٿي جيڪا اداري کي نه ملندي ۽ ادارو عدم وصولي جي صورت ۾ نقصان برداشت ڪندو، هوڏانهن ملازمن ۾ غيرمنصفانا طور تي ورهايل رقم جيڪا بغير وياج جي ڏني وئي آهي تنهن خلاف موجوده اسٽيل مل جي گڏيل جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن ڌڻي بخش سمون، اڪبر ناريجو، شوڪت ڪورائي، اڪبر ميمڻ ۽ ٻين وفاق کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته اداري سان ويساهه گهاتي ڪندڙ سي اي او ۽ انتظاميا خلاف نيب ۽ آرڊيٽر جنرل آف پاڪستان ۽ ايف اءِ آي کان تحقيقات ڪرائي هن اداري کي وڌيڪ خساري کان بچائي مل جي بحالي لاءِ قدم کنيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.