سنڌ سرڪار مڪاني چونڊون ڇو نٿي ڪرائي: فردوس شميم

ڪراچي( رپورٽر ) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ميمبر سنڌ اسيمبلي فردوس شميم نقوي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بلاول ۽ سنڌ حڪومت پاران مڪاني ادارن ۾ اليڪشن نه ڪرائڻ سمجهھ کان ٻاھر آهي ھن چيو ته جيڪڏهن 2023 ۾ مردم شماري نه ڪرائي وئي ته ايندڙ اليڪشن ۾ حصو نه وٺندي؟سنڌ حڪومت پوءِ تسليم ڪري ته 2018 واري اليڪشن غلط ھئي. ھن چيو ته ماضي ۾ جيڪا مردم شماري ڪرائي وئي سڀني پارٽين اعتراض واريا.

ميمڻ ڳوٺ ۾  ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي نوجوان زخمي

ڪراچي(رپورٽر)ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ واقع ملير ڪينٽ واري علائقي ۾ نامعلوم هٿيار بندن ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي 18 ورهين جي نوجوان شيراز پٽ الطاف حسين کي گولي هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا زخميءَ کي جناح اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي ٻئي طرف سائيٽ بي ٿاڻي جي حد ۾ هڪ سيڪيورٽي گارڊ 26 ورهين جو سهراب پٽ عاشق علي پنهجي ئي هٿيار مان اوچتو فائر ٿي وڃڻ سبب زخمي ٿي پيو جنهن کي سول اسپتال م داخل ڪيو ويو آهي.

سنڌ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 17 مريض فوت، 925 نوان ڪيس

ڪراچي (رپورٽر ) گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪوروناوائرس سبب وڌيڪ 17 مريض فوت ٿيا ۽ فوتين جو تعداد 7133 ٿي ويو آهي جڌهن ته 19775 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 925 نوان ڪيس سامهون آيا. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڇنڇر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته 657 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وئي جن ۾ 53 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.