الطاف ٽالپر ۽ غلام قادر ملوڪاڻي تي حملو ڪندڙ گرفتار ڪيا وڃن: سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل

ڪراچي(پ ر)  سانگهڙ ۾ مير الطاف ٽالپر ۽ غلام قادر ملوڪاڻي تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي صدر غازي جهنڊير طرفان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ، اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير سعيد غني ۽ آئي جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ڪيو آهي ته صحافين تي حملي ۾ ملوث جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل پاران جاري ڪيل بيان چيو ويو آهي ته سانگهڙ پوليس صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، اڄ جهول جي صحافين مير الطاف ۽ غلام قادر ملوڪائي تي هٿياربندن سرعام فائرنگ ۽ تشدد ڪيو آهي جنهن ۾ ٻئي صحافي زخمي ٿي پيا جن کي نازڪ حالت ۾ سول اسپتال سانگهڙ مان حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي پر هن وقت تائين پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي

باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد (م ڊ)قائداعظم محمد علي جناح جي ورسي جي موقعي تي پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد  بابر پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته پاڪ فضائيه باباءِ قوم کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي جنهن ننڍي کنڊ جي مظلوم ماڻهن ۾ هڪ اميد پيدا ڪئي ۽ ان کي هڪ قوم جي صورت ۾ گڏ ڪري، انهن لاءِ هڪ ڌار ۽ آزاد وطن حاصل ڪرڻ لاءِ  مسلسل جدوجهد جي قيادت ڪئي. گهرو معاملن واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي صورت ۾ رياست ٺاهي ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي هڪ ڌار سڃاڻپ ڏني.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.