شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي جون ملڪيتون ضبط

لاهور ( م ڊ) صاف پاڻي ريفرنس ۾ شهباز شريف جي ڌيءَ ۽ ناٺي جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون آهن. رپورٽ موجب صاف پاڻي ريفرنس ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف جي ڌيءَ رابعه عمران ۽ ناٺي جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون آهن. جڏهن ته ان حوالي سان رپورٽ به عدالت ۾ جمع ڪئي وئي آهي.عدالت ٻين شريڪ جوابدارن جي بريت وارين درخواستن تي دليل طلب ڪندي ڪارروائي 23 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. نيب جي جاچ ٽيم شهباز شريف جي ناٺي عمران علي يوسف ۽ ڌيءَ رابعه عمران جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ واري رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ميسرز فاطمه ڊويلپرز ۾ عمران علي جا 65 لک شيئرز ۽ رابعه عمران 35 لک شيئرز جا مالڪ آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.