اليڪشن ڪميشن سان گڏ آهيون، وفاقي وزيرن کي نااهل ڪيو وڃي: بلاول

لاهور(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تخت لاهور ۽ سليڪٽڊ جو راڄ نه کپي، حڪمران ڪڏهن تيل، ڪڏهن بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪن ٿا، ليه ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوام پ پجو ساٿ ڏئي عمران خان کي گهر موڪلي ڇڏينداسين، عمران خان پنهنجي واعدن تان يوٽرن وٺي چڪو آهي، هن چيو ته اسان جي اتحادين پنجاب ۾ عمران خان کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي، پ پ پنجاب جي عوام کي لاوارث نٿي ڇڏي سگهي، حڪومت اسٽيل مل جي 10 هزار خاندانن کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ن ليگ ۽ مولانا صاحب چاهين ته سڀاڻي ئي هن حڪومت کي ڪيرائي سگهون ٿا، اتحادين کي به چونداسين ته عوام ۾ اچن ۽ حقيقي سياست ڪن، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن حڪومت جي نشاني تي آهي، اليڪشن ڪميشن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان جو عوام توهان سان گڏ آهي، ڄميل رهو، اليڪشن ڪميشن تي حملي آور وزيرن کي نااهل ڪيو وڃي، اسان برطرف ملازمن سان گڏجي تحريڪ هلائينداسين،پوري پاڪستان جو مطالبو آهي ته گو عمران گو،هن چيو ته عوام پهرين تخت رائيونڊ جو راڄ برداشت ڪيو،هاڻي سليڪٽڊ مڙهيا ويا آهن، 20 هزار ملازمن کي برطرف ڪرڻ پارليامينٽ ۽ جمهوريت تي ڌاڙو آهي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ آواز اٿارينداسين

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.