چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري خلاف درخواست داخل

اسلام آباد ( م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجه جي مقرري خلاف درخواست ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪئي وئي آهي. چيف جسٽس گلزار احمد چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري خلاف ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ 3 رڪني بينچ جوڙي ڇڏي آهي. جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس منصور علي شاهه،  جسٽس محمد علي مظهر تي ٻڌل بينچ 15 سيپٽمبر تي ٻڌڻي ڪندو. چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري کي ايڊووڪيٽ علي عظيم آفريدي چيلينج ڪيو آهي. گذريل ڏينهن وفاقي حڪومت چيف اليڪشن ڪمشنر مٿان بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي. وفاقي وزيرن به چيف اليڪشن ڪمشنر مٿان سنگين الزام هڻندي کيس اپوزيشن جو هٿيار قرار ڏنو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.