مارڪيٽ بعد يوٽيلٽي اسٽورن تي عام واهپي شين جي قيمتن ۾ اضافو

اسلام آباد ( م ڊ ) ملڪ جي مارڪيٽن بعد يوٽيليٽي اسٽورن تي به عام واهپي شين جون قيمتون واڌايو ويون آهن، ان ڏس ۾ جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاڻ يوٽيليٽي  اسٽور تي گيهه جي قيمت ۾ 96 رپيا ڪلو اضافو ٿيو آهي، کاڄرو تيل 97 رپيا في ليٽر مهانگو ملندو، ڪارن کاڄرو تيل 370 ۾ في ليٽر ملندو، جڏهن ته ڪسٽرڊ سميت مٺي جا آئٽم به مهانگا ڪيا ويا آهن، ٽشو سميت ميڪ اپ جي سامان جي قيمت ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. پيزا ساس، چلي،گارلڪ، بي بي ڪيو جون به قيمتون وڌايون ويون آهن، صابڻ، ٽي مڪس، ليڪوٽ فلو ڪلينر جي قيمتن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.