اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي ترميمي بل پارليامينٽ ۾ منظور ٿيڻ نه ڏنو ويندو: ن ليگ

اسلام آباد (م ڊ) اي وي ايم تي ترميمي بل پارليامينٽ ۾ منظور ٿيڻ نه ڏنو ويندو، وي اي ايم ذريعي چونڊن ڪير به نه مڃيندو ۽ ڪير به اسيمبلي ۾ نه ويهندو، هاڻي به قومي اسيمبلي ۾ ميمبرز جي اڪثريت جعلي  آهي، نواز ليگ اڳواڻ خواجه سعد رفيق پي ٽي آءِ سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته حڪمران اي وي ايم جو ترميمي بل پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ملڪ کي ٻرندڙ جبل جي ڪناري تي نه آندو وڃي، نواز ليگ جي مرڪزي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وفاقي وزير اليڪشن ڪميشن تي حملي آور ٿي رهيا آهن، اليڪشن ڪميشن تي سنگين الزام لڳائڻ افسوسناڪ عمل آهي،  چونڊون ڪرائڻ  حڪومت نه، پر  اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.