اليڪشن ڪميشن خلاف بيان سان سڄو نظام مشڪوڪ ٿي ويو: پ پ

حيدرآباد/ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مولابخش چانڊيو چيو آهي ته اڄ صبح جو اخبارن ۾ وفاقي وزيرن جا  بيان ڏسي لڳو ته ماضي جي حڪومتن ۾ هنن ئي جهيڙا ڪرايا ۽ هن وقت به ڪرائي رهيا آهن. ادارن سان جهيڙو ڪرائڻ لاءِ افراتفري جا مشورا ڏنا پيا وڃن. حيدرآباد ۾  ميڊيا سان ڳالهائيندي مولابخش چانڊيو جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن هڪ وفاقي وزير جيڪا ڳالهه ڪئي اهو ڪو به محب وطن شخص نٿو ڪري سگهي،هن چيو ته مقدس ادارن جي باري ۾ به ڳالهيون ٿي رهيون آهن. موجوده حڪمرانن اليڪشن ڪميشن جي خلاف بيان ڏئي سڄي نظام کي مشڪوڪ ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن پ پ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ايم اين اي  شازيه عطا مري چيو آهي ته نيازي حڪومت جي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ايندڙ عام چونڊن ۾ انڌي ڌانڌلي جي منصوبابندي آهي جڏهن ته پاڪستان اليڪشن ڪميشن کي باھ ڏيڻ جا لفظ به عمران خان چيا آھن شازيا مري چيو ته نااھل حڪومت طرفان پي ايم ڊي اي جو مقصد ڪرپشن ۽ ڌانڌلي لڪائڻ آهي جنهن کي پيپلزپارٽي رد ڪري ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.