مٺي : موڪل نه ملڻ سبب ٿرڪول جو تار ٽپي ٻاهر نڪتل ڊمپر ڊرائيور فوت

مٺي(بيوروچيف)ٿرڪول بلاڪ ون تي مقامي پورهيتن سان جانورن جهڙو سُلوڪ،موڪل نه ملڻ سبب تار ٽپي ٻاهر نڪتل ڊمپر ڊرائيور وچ رستي ۾ تڙپي تڙپي فوت، خبرموجب:ٿرڪول بلاڪ ون تي پاور پلانٽ ۽ مائننگ واري سائيٽ تي مختلف ڪمپنين وٽ ڪم ڪندڙ مقامي ٿرواسي پورهيتن سان ڪمپنين پاران جانورن جهڙو سُلوڪ ڪيو پيو وڃي،کاڌو پيتو صحيح نه ملڻ سميت ڪورونا جو بهانو بڻائي موڪل به نه ٿي ڏني وڃي،جنهن سبب ٿر ڪول بلاڪ ون مائينگ سائيٽ تي ڊمپر تي ڊرائيوري ڪندڙ ڇاڇرو تعلقي جي ڳوٺ سارنگهيار واسي 25 سالن جو نوجوان ھارون پٽ اسماعيل راھمون فوت ٿي ويو آهي،معلوم ٿيو آهي تي نوجوان موڪل نه ملڻ ڪري بلاڪ جي تار ٽپي اسلام ڪوٽ اچي رھيو ھو ته وچ رستي ۾ بيهوش ٿي ويو،جتي فوت ٿي ويو،جنهن جو لاش اسپتال ۾ پيل هو ۽ وارثن کي اطلاع ڪيو ويو هو،ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته نوجوان ڪمپني مان موڪل نه ملڻ تي تار ٽپي لڪي نڪتو،وچ رستي ۾ سخت گرمي ۽ پاڻي نه ملڻ ڪري بيهوش ٿي ڪري پيو،جيڪو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو،ڊاڪٽرن موجب نوجوان جو موت دل جي دوري سبب ٿيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.