گهوٽڪي ڀرسان اغوا ٿيل آزاد نه ٿيو، احتجاج

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ ٿاريو واسو مان اغوا ٿيل کير يونين جي اڳواڻ الف واسو جي بازيابي لاءِ شهري اتحاد گهوٽڪي، کير يونين گهوٽڪي ۽ مغوي جي وارثن پاران پريس ڪلب گهوٽڪي جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي گهوٽڪي جي صدر ڪامريڊ خالد لاکي، عوامي ورڪرز پارٽي جي صدر ڪامريڊ بادل ملڪ، سگا گهوٽڪي جي جنرل سيڪريٽري رئوف پارس دايي، عرفان علي واسو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪافي عرصي کان وٺي گهوٽڪي ۾ امن امان جون حالتون بدتر آهن، پر پوليس گهري ننڊ ۾ ستل آهي، انهن چيو ته الف واسو مسڪين پورهيت آهي جيڪو کير وڪرو ڪري پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ پاليندو آهي ۽ سندس اغوا تي گهر ۾ ڪهرام متل آهي پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، انهن پوليس کي چتاءُ ڏنو ته فوري طور تي الف واسو کي بازياب نه ڪرايو ويو ته ايس پي آفيس جي آڏو سخت احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.