ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي رهائشي ڪالوني مان پنجن گهرن ۾ ڦرجي ڪوشش

ڄامشورو ( ڊ ر) ڄامشورو ۾ وڌندڙ بدامني تي ضابطو نه  اچي سگھيو ، سنڌ يونيورسٽي ملازمن جي رھائشي  ڪالوني مان پنجن گھرن مان سري  عام ڦر جون ڪاروايون ، گذريل رات دير سان مختلف گاڏين تي سوار نامعلوم ھٿياربند ڪالوني جي ۾ داخل ٿي سي ٽائپ ڪواٽرن ۾ غلام شبير عباسي ، مشتاق قريشي ، عباس سومرو ، الھوڌايو سھتو ۽ ماما حبيب برفت جي گھرن اندر ھڪ ئي وقت داخل ٿي ڦر ڪرڻ جون ڪاروايون ڪري رھيا ھئا ته  سيوا جي اڳوڻي اڳواڻ سماجي شخصيت ماما حبيب الله برفت ۽ سندس پٽ نوجوان ھوش محمد برفت سجاڳ ٿي پيا ۽ ڦورن سان سخت مزاحمت ڪندي گھر ۾ داخل ٿيل ھڪ ڦورو کي سوگھو ڪري ورتو مزاحمت ڪرڻ تي چور کي مارڪٽ ڪئي جڏھن ته ڦورن طرفان پڻ  مزاحمت ڪئي وئي ۽ ٻيا ڦورو فرار ٿي ويا  جنھن بعد سنڌ يونيورسٽي سيڪيورٽي عملو عملدارن ملازمن جي نمائيندا تنظيم سيوا صدر محمد علي گھانگھرو  به ملازم اڳواڻ حبيب الله برفت جي گھر ھمدردي طور  پھچي ويا بعد ۾ اھڙو اطلاع ڄامشورو پوليس کي ڏنو،ويو بعد ۾ چوڪي انچارج اياز ٻگھيو پھچي ھٿ ڪيل جوابدار کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ٿاڻي تي وٺي ويا،  ڄامشورو پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار جي سڃاڻپ  نواب خان ڀنگر طور ٿي آھي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.