ڪراچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جون ڪارروايون، 7 جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) سرجاني ٽائون ٿاڻي جي پوليس عبدالله موڙ وٽ هڪ ڪارروائي ڪري ڦر لٽ ۽ دهشتگرد وارداتن ۾ ملوث ٻن جوابدارن نعمان پٽ جاويد ۽ زاهد پٽ شفيق کي گرفتار ڪري، انهن جي قبضي مان هڪ شارٽ گن، پستول ۽ چوري جي هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي آهي، هوڏانهن رينجرز ۽ پوليس ڳجهو اطلاع ملڻ تي پراڻا گوليمار ۽ ملير جي علائقن ۾ گڏيل ڪارروائي ڪري منشيات فروشي ، ٽارگٽ ڪلنگ ، ڀتا خوري ۽ ڦر لٽ جي وارداتن ۾ ملوث 5 جوابدارن عامر عرف موٽا ، ارسلان عرف مٺو ، رحمان ، حمزه ۽ دانيال کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪيون آهن رينجرز جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار مخالف منشيات فروشن تي فائرنگ ڪري انهن کي قتل ۽ زخمي ڪرڻ ۾ ملوث آهن جڏهن ته دڪاندارن کان ڀتو پڻ وصول ڪندا آهن .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.