غوثپور ڀرسان ٻن ڌرين ۾ تڪرار، 2 ڄڻا اغوا، ڇڪتاڻ

غوثپور (رپورٽ: عبدالغفار اوڳاهي)غوثپور ڀرسان ڳوٺ رئيس قالو خان ڀيو واري علائقي ۾  ڀيا ۽ ڏاھاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ  پراڻو خوني تڪرار تان جھيڙو ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، ڀيا برادري جي ھٿياربندن ڊاٽسن ڊرائيور مھرالله ڏاھاڻي کي مبينه اغوا ڪري فرار، جواب ۾ ڏاھاڻي برادري جي  ماڻھن ڀيا برادري جو نوجوان پپو ڀيو کي يرغمال بڻائي ورتو، پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي ويئي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويئي، وڌيڪ مليل معلومات موجب ڏاھاڻي برادري جو نوجوان مھر الله ڏاھاڻي جيڪو اڄ صبح جو چوپايو مال ڊاٽسن تي کڻي آر ڊي 219 واري علائقي ڀرسان ڳوٺ رئيس قالو خان ڀيو وٽ پھتو ته کيس ڀيا برادري جي ھٿياربندن مبينه اغوا ڪري ورتو، اھڙي اطلاع بعد ڏاھاڻي برادري جا ھٿيار بند روڊ تي نڪري آيا ۽ ڀيا برادري جي ھڪ واٽھڙو پپو ڀيو کي ھٿيارن جي زور تي کنڀي ويا، واقعي جي اطلاع بعد ايس ايس پي ڪشمور واقعي جو سخت نوٽيس ورتو ۽ ٻنھي ڌرين جي چڱن مڙسن کي تنبيھ ڪئي ته ڪنھن به قسم جي ڪاروائي يا ھڪٻئي مٿان حملو نه ڪيو وڃي معاملي کي ڳالھين ذريعي نبيريو ويندو، بعد  ٻنھي ڌرين جي چڱن مڙسن ۽ نيڪ مردن جي ذريعي راڄوڻي ڪوششن وسيلي ٻنھي مغوين کي ھٿياربندن کان آزاد ڪرائي پوليس پنھنجي نگراني ھيٺ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.