نيوزيلينڊ جي وڏي وقت کانپوءِ پاڪستان دوري تي هاڻوڪا ۽ اڳوڻا ڪرڪيٽر خوش

 

نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم طرفان 18 ورهين جي وڏي عرصي کانپوءِ پاڪستان جي دوري تي هاڻوڪن ۽ اڳوڻن قومي ڪرڪيٽرن به خوشي جو اظهار ڪيو آهي.

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 18 ورهين کانپوءِ پاڪستان پهتي آهي، جتي اها ميزبان ٽيم خلاف 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 17 سيپٽمبر، ٻي ميچ 19، ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 21 سيپٽمبر تي راولپنڊي، جڏهن ته پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 25 سيپٽمبر، ٻي ميچ 26، ٽين ميچ 29 سيپٽمبر، چوٿين ميچ پهرين آڪٽوبر، پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 3 آڪٽوبر تي لاهور ۾ کيڏي ويندي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جي شروعات ٿي وئي آهي ۽ بورڊ موجب شوقين ميچن جون ٽڪيٽون آن لائن، ڪوريئر آفيس ۽ ڪال تي خريد ڪري سگهن ٿا، ميچن دوران 25 سيڪڙو تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت هوندي.

ڪيوي ٽيم جي دوري تي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين راشد لطيف خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته وڏي وقت کانپوءِ نيوزيلينڊ جي رانديگرن کي ايڪشن ۾ ڏسڻ شوقينن جي خوش قسمتي آهي، نيوزيلينڊ خلاف ڪيتريون ئي ميچون مون لاءِ يادگار آهن.

وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين ڪامران اڪمل چيو ته ٽيم موڪلڻ تي نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جا ٿورائتا آهيون، ڪيويز جي دوري سان دنيا کي هاڪاري پيغام ويندو، ملڪي نوجوان پرڏيهي رانديگرن کي پنهنجي ميدانن تي ڏسندا ته انهن ۾ راند جو جوش ۽ جذبو وڌي ويندو.

اڳوڻن اوپنرن عمران فرحت ۽ ياسر حميد خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته اسان نيوزيلينڊ جي پاڪستان دوري تي خوش آهيون، نيوزيلينڊ ڪڏهن به آسان مخالف ناهي هوندي، اميد ته شوقينن کي سٺا مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا.

قومي عورتاڻي ڪرڪيٽ ٽيم جي اسپنر ندا ڊار جو چوڻ هو ته مان نيوزيلينڊ جي دوري تي ڏاڍي خوش آهيان ۽ پنهنجي ٽيم جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪنديس.

پاڪستان وومين ٽيم جي ڪپتان جويريا خان چيو ته وڏي وقت کان پوءِ نيوزيلينڊ ٽيم جو پاڪستان اچڻ سٺو سنئوڻ آهي ۽ مان ان تاريخي سيريز ۾ بابر اعظم کي سپورٽ ڪنديس.

قومي جونيئر ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ اڳوڻي ڪرڪيٽر اعجاز احمد چيو ته ڪيوي ٽيم جو دورو پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي مڪمل بحالي ڏانهن هڪ سٺو قدم آهي، نيوزيلينڊ کانپوءِ انگلش ٽيم به پاڪستان ايندي، جنهن سان نه رڳو شوقينن کي سٺا مقابلا ڏسڻ لاءِ ملندا پر قومي ڪرڪيٽرن کي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي تيارين ۾ به مدد ملندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.