سردار شاهه کاتي ۾ عارضي ۽ واڌو چارج رکندڙ آفيسرن جا آرڊر رد ڪري ڇڏيا

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد سردار شاهه وڏو قدم کڻندي کاتي ۾ عارضي چارج، واڌو چارج رکندڙ آفيسرن جا آرڊر رد ڪري ڇڏيا.

تعليم کاتي ۾ 17 کان 19 گريڊ جا آفيسر هڪ کان وڌيڪ عهدن تي مقرر هئا، جنهن تي سردار شاهه مستقل عهدي کانسواءِ عارضي ۽ واڌو چارج جهڙا سمورا آرڊر رد ڪري ڇڏيا.

سردار شاهه موجب آفيسر هڪ عهدو ئي رکي سگهن ٿا، قابل آفيسرن جي موجودگي ۾ هڪ آفيسر کي ٽي ٽي عهدا ڏيڻ سمجهه کان ٻاهر آهي.

هن خالي جاين تي بنا دير قابل آفيسرن کي رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته قلمدان سنڀالڻ کانپوءِ سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.