پاڪ نيوزيلينڊ سيريز: پي سي بي ميچون ڏسڻ لاءِ شرط رکي ڇڏيا

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ميچن دوران تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي مشروط اجازت ڏئي ڇڏي.

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم 18 ورهين کانپوءِ پاڪستان پهتي آهي، جتي اها ميزبان ٽيم خلاف 3 ون ڊي ۽ 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏندي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ون ڊي ميچ 17 سيپٽمبر، ٻي ميچ 19، ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 21 سيپٽمبر تي راولپنڊي، جڏهن ته پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ 25 سيپٽمبر، ٻي ميچ 26، ٽين ميچ 29 سيپٽمبر، چوٿين ميچ پهرين آڪٽوبر، پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 3 آڪٽوبر تي لاهور ۾ کيڏي ويندي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي سيريز لاءِ ٽڪيٽن جي وڪري جي شروعات ٿي وئي آهي ۽ بورڊ موجب شوقين ميچن جون ٽڪيٽون آن لائن، ڪوريئر آفيس ۽ ڪال تي خريد ڪري سگهن ٿا، ميچن دوران 25 سيڪڙو تماشائين کي اسٽيڊيم اچڻ جي اجازت هوندي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان چيو ويو آهي ته رڳو ويڪسين لڳرائيندڙ ماڻهو ئي ٽڪيٽون حاصل ڪري سگهندا، ميدان ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ شوقينن کي ويڪسين سرٽيفڪيٽ لازمي طور ڏيکارڻو پوندو ۽ انهن کي ماسڪ جي پابندي به يقيني بڻائڻي پوندي.

بيان موجب بائيو سيڪيور ببل جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي اسٽيڊيم مان ڪڍيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.