سياسي جماعتن جي ميدان ڇڏڻ سبب عوام تڪليف ۾ آهي: بلاول

ليه (ويب ڊيسڪ) بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان جون اتحادي جماعتون سياسي ميدان ڇڏي چڪيون آهن، عوام هاڻ سليڪٽڊ راڄ ڀوڳي رهيو آهي.

ليه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان جي سياسي دوستن پنجاب ۾ عمران خان کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي، عوام پ پ جو ساٿ ڏئي، عمران خان کي گھر موڪلي ڇڏينداسين.

هن چيو ته پيپلز پارٽي پنجاب جي عوام کي لاوارث نٿي ڇڏي سگھي، پنجاب جي عوام سان تاريخي ظلم ٿي رهيو آهي، موجوده حڪومت کنڊ ۽ چانور درآمد ڪري رهي آهي، هر روز مهانگائي وڌندي پئي وڃي، حڪومت ٽيڪسز وڌائي عوام جي جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي، عوام عوامي حڪومت کي لاءِ سِڪي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته عوام تاريخي بيروزگاري ۽ مهانگائي کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڪڏهن بجلي، ڪڏهن گيس ته ڪڏهن پيٽرول جي اگھن ۾ واڌ ٿي رهي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ هارين ۽ مزدورن کي حق ڏياريا، غريب مزدور ۽ هاري لاءِ بينظير جي منشور کي لاڳو ڪنداسين، بينظير ڀٽو هڪ ماءُ جيان عوام جو خيال رکندي هئي، اسان کي پاڪستان کي بچائڻو ۽ ڪٺ پتلي کي ڀڄائڻو آهي، جيالن کي ڏسي بني گالا مان رڙيون نڪري رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.