افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گھرجي: فواد چوڌري  

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته دنيا کي اسان جو مشورو آهي ته افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، اسان کي افغانستان جي عوام سان گڏ بيهڻو پوندو.

ڪيوبا جي نيوز ايجنسي سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته افغانستان جي ڪهاڻي 20 سال نه 40 سال پراڻي آهي، ڪمزور معيشت باوجود اسان تقريبن 5 ملين افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪئي.

هن چيو ته پاڪستان جي مدد بدران پريسلر ترميم ذريعي معاشي پابنديون لڳايو ويون.

سندس چوڻ هو ته اسان هر هر چيو ته افغانستان ۾ فوج حل بدران سياسي حل طرف وڃڻ گھرجي، اميد آهي ته دنيا جي گڏيل ڪوششن سان اسان افغانستان ۾ استحاڪم آڻي سگھنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.