”وڏن وڏن ڪمن جون ڊاڙون هڻندڙ ڪجهه ته ڪري ڏيکارين“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي صوبائي وزير اويس قادر شاهه وفاقي وزير اسد عمر جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته وڏن وڏن ڪمن جون ڊاڙون هڻندڙ ڪجهه ته مڪمل ڪن.

واضح رهي ته وفاقي اسد عمر جو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوڻ هو ته هڪ سال اڳ وزيراعظم ڪراچي لاءِ تاريخي پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، ڪراچي لاءِ گرين لائن منصوبو مڪمل ٿي چڪو آهي، ايندڙ هڪ مهيني ۾ رهيل ڪم مڪمل ٿي ويندا،

سندس چوڻ هو ته ڪراچي سرڪلر ريلوي جو منصوبو منهنجي دل جي ويجهو آهي، جنهن لاءِ 29 ڪلو ميٽرن جو رستو زمين مٿان ٺاهيو ويندو، وزيراعظم 30 سيپٽمبر کان اڳ سرڪلر ريلوي جي انفرا اسٽرڪچر واري حصي جي پيڙهه جو پٿر رکندو، سرڪلر ٽرين هلائڻ لاءِ نجي ڪمپنين کي دعوت ڏني ويندي.

ان تي ردعمل ڏيندي پ پ اڳواڻ اويس قادر شاهه چيو آهي ته اِهي اُهي ئي ماڻهو آهن، جيڪي جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر ۾ گرين لائن هلائڻ وارا هئا، گذريل ٻن سالن کان لاڳيتو اعلان ۽ وڌيڪ صفائيون پيش ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته ڪراچي لاءِ وڏا ڪم ڪرڻ جا دعويدار ڏيڍ سال کان مڪمل گرين لائن شروع نٿا ڪري سگهن، گرين لائن پراجيڪٽ لاءِ سنڌ حڪومت پنهنجي حصي جو ڪم وقت تي مڪمل ڪيو، سنڌ حڪومت طرفان ايوريجن لائن منصوبو مڪمل ۽ هينڊ اوور لاءِ تيار آهي

سندس موجب انهن جي نااهلي سبب اورينج لائن به دير جو شڪار آهي، جيئن انهن گرين لائن کي متاثر ڪيو، اهي ڪي سي آر کي به بگاڙي ڇڏيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.