فيصل سبزواري اسد عمر جي اعلان تي خوش

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ سينيٽر فيصل سبزواري وفاقي حڪومت طرفان 2023ع ۾ آدمشماري ڪرائڻ جي اعلان کي پنهنجي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو.

ايم ڪيو اڳواڻ سينيٽر فيصل سبزواري خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي چيو ته ايم ڪيو ايم جي چوڻ تي تحريڪ انصاف مردم شماري 2023ع ۾ ڪرائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.

هن چيو ته يقيني بڻايو وڃي ته ڪنهن جي مرضي تي شهرين جي ڳڻپ ۾ تبديلي نه ڪئي ويندي.

سندس چوڻ هو ته افسوس آهي ته ارڙهين ترميم کان پوءِ صوبا بااختيار آهن، پر سنڌ حڪومت شهرين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهي.

فيصل سبزواري جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪراچي لاءِ پاڻي ۽ ٻين منصوبن ۾ وفاقي حڪومت سان گڏ آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.