ٽوئيٽر ۾ فالو ڪندڙن کي ان فالو ڪندڙ فيچر متعارف

ٽوئيٽر واهپيدار جي سولائي لاءِ نئين پرائيويسي فيچر جي آزمائش شروع ڪري ڇڏي آهي.

رپورٽ موجب هاڻ واهپيدار پنهنجي ڪنهن به فالور کان تنگ آهي ته اهو ان کي آرام سان پنهنجي فالوورز جي لسٽ مان ڪڍي سگھي ٿو جنهن جو نوٽيفڪيشن به ان شخص کي موصول نه ٿيندو.

ان کان اڳ واهپيدارن وٽ ان فالو جو آپشن نه هو پر انهن کي ڪنهن فالوور مان جان ڇڏائڻ لاءِ ان کي بلاڪ ڪرڻو پوندو هو.

ٽوئيٽر جو ڄاڻايل فيچر اڃا ويب ورجن تي رڳو ڪجهه واهپيدارن لاءِ دستياب آهي، ان آپشن سان واهپيدار اوهان جي ڪنهن به پوسٽ کي نٿو ڏسي سگھي.

فن فيچر جي استعمال لاءِ واهپيدارن کي پنهنجي پروفائل ۾ فالوورز ۾ وڃڻو پوندو ۽ اتي ٿري ڊاٽ آئڪن تي ڪلڪ ڪرڻو پوندو ۽ اتي فالور کي هٽائيندڙ آپشن جي چونڊ ڪرڻي پوندي.

فيچر تحت ان فالو ڪندڙن کي نوٽيفڪيشن نه موڪليو ويندو جنهن سان ان کي خبر نه پئجي سگھندي ته کيس لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي پر جيڪڏهن ان کي خبر پئجي وڃي ته پوءِ اهو ٻيهر فالو ڪري سگھي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.