”شادي شده ماڻهو ڪمزوري جي خاتمي لاءِ هي کاڌا ضرور کائن“

 

جنسي طاقت توڙي ان جي لڪل مسئلن جي باري آگاهي ڏيڻ به ضروري آهي، ان حوالي سان کاڌي ۾ جنسي قوت جي فائدن بابت ماڻهن جو آگاهه رهڻ به اوترو ئي ضروري آهي.

هتي ڪجهه اهڙا کاڌا ٻڌايا ويندا جيڪي مرد توڙي عورت ۾ جنسي جذبن جي واڌ ۽ بهتري سميت جوان رکڻ سان گڏوگڏ گڏيل صحت تي به نه رڳو سٺا اثر ڇڏڻ جي صلاحيت رکن ٿا پر انهن جي لڳاتار استعمال سان ڪنهن نئين مسئلي ۾ مونجهاري جو شڪار ٿيڻ جو خدشو ناهي هوندو.

سڀ کان پهرين ڳالهه ڪنداسين ”موري“ جي، جنهن جي ذائقي جي تيزي جنسي طاقت ۾ واڌ جو سبب بڻبي آهي، اها جگر جي تازي چستي کي ڪنٽرول ۾ رکندي آهي ته جيئن ڪوليسٽرول ۽ ٻيا ڪيميائي مادا مناسب مقدار ۾ خارج ٿي سگهن.

ٻئي نمبر تي ڳالهه ڪنداسين ”سلاد جي پتن جي“، سلاد جا پتا ڪوليسٽرول ليول کي گهٽائيندا آهن ۽ رت جي وهڪري کي بهتر ڪندا آهن ان سان گڏ جنسي لاڳاپا کي به مضبوطي ملندي آهي.

ٽئين نمبر تي ”ڦودني“ جي ڳالهه ڪبي جنهن جا فائدا سڀ وري سڀني کان مختلف آهن، ڦودني جو لڳاتار استعمال عورتن ۾ جنسي جذبو تيز ڪندو آهي ۽ مرداڻي ڪمزوري کي ختم ڪندو آهي. ڦودني سان معدو به بهتر ڪم ڪندو رهندو آهي ۽ ان سان گڏ ساهه ۾ تازگي به رهندي آهي.

جنسي طاقت جي بهتري ۾ چوٿين نمبر تي جنهن شيءِ جي ڳالهه ڪنداسين اهي آهن ”ڳاڙها مرچ“.

ڳاڙهن مرچن ۾ وٽامن سي هوندي آهي جنهن سان خون جي گردش ۾ واڌ جو سبب بڻبو آهي، ڳاڙهن مرچن ۾ هڪ ڪيميڪل ڪيپساسين جي موجودگي جنسي طاقت ۽ جنسي رجحاڻ پيدا ڪندي آهي.

جنسي طاقت جي حوالي سان اسان وٽ پنجين نمبر تي ”ڪارا مرچ“ آهن جن جي حوالي سان وڏن فائدن جو ذڪر اسان اڳواٽ ئي ڪري چڪا آهيون.

ڪارن مرچن جا هونئن ته اڻ ڳڻ فائدا آهن پر جيئن ته ڳالهه ڪجي ٿي جنسي طاقت جي ته ڪارن مرچن جو لڳاتار استعمال جنسي خواهش ۾ واڌ ڪندو آهي ۽ ان سان ننڍي ٻارن کي کير پيئاريندڙ مائرن جي کير ۾ به واڌ ٿيندي آهي.

سُنڍُ

جنسي طاقت جي حوالي سان اها غذا وياگرا آهي، ان جو معمولي مقدار کائڻ سان ئي جسم ۾ گرمي اچي ويندي آهي پر ان جو گهڻو استعمال بلڊ پريشر ۽ بواسير جو سبب به بڻبو آهي.

هاڻي اسان جنهن غذا جي ڳالهه ڪنداسين ان جا به ڪيترائي فائدا آهن، اسان هتي ڪيترائي ڀيرا انجي فائدن جي مختلف فائدن جي باري ۾ ٻڌائي چڪا آهيون جهڙوڪ جسم مان تيزابيت جي خاتمي، گرمي کان بچائڻ، چمڙي جي بيمارين سميت وار ڇڻڻ کان ڇوٽڪاري لاءِ به انهن جو استعمال ڪيو ويندو آهي.

يقينن توهان جو خيال بصر ڏانهن ئي ويو هوندو، جيڪڏهن ائين آهي ته توهان درست آهيو، اها غذا بصر ئي آهن، بصر گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه کَلن تي مشتمل هوندا آهن جيڪي هاضمو تيز ڪرڻ کانسواءِ رت ڇڊو ڪندا آهن، جيڪو عمل جنسي عمل ۾ وڏو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

هاڻي جنهن جي ڳالهه ڪنداسين اها به اسان جي رنڌڻي جي ئي ننڍڙي شيءِ آهي، جنهن کي ٿوم چئجي ٿو، ٿوم به بصر جهڙا ئي فائدا رکندي آهي، ٿوم ڪوليسٽرول ليول کي گهٽائي جنسي ميلاپ جي خواهش کي تيز ڪندي آهي ۽ رت جي وهڪري کي وڌائيندي آهي.

ان سان گڏ ٻڌائيندا هلون ته ننڍن فوٽن جي ڳالهه ڪجي ته انهن جي فائدن کان به ڪڏهن انڪار نٿو ڪري سگهجي، ننڍن فوٽن ۾ اهڙا مرداڻا هارمونز ٺاهڻ وارا ڪيميڪلز موجود آهن جيڪي جنسي لاڳاپن جي خواهش پيدا ڪندا آهن، ان ۾ موجود سينيول مرڪزي اعصابي نظام کي اجاگر رکندا آهن.

هاڻي ڳالهه ڪنداسين ”وڏفن“ جي، جيڪي عام طور تي مختلف مٺي سوپارين ۾ موجود هوندا آهن، وڏفن کي پيٽ جي سور توڙي گيس جي خاتمي لاءِ به استعمال ڪيو ويندو آهي. وڏفن جو استعمال جنسي خواهشن کي اجاگر ڪندو آهي.

کائڻ جي انهن سمورين شين جو استعمال توهان جي جنسي طاقت ۽ جنسي خواهش ۾ واڌ ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو، ان سان جنسي مسئلن جي ڪري پريشان ماڻهن کي پنهنجي پريشان ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي، انهن سمورين شين سميت مڇي جو استعمال به ان مقصد جي حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻو فائديمند ثابت ٿيندو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.