سردار شاهه جو سنڌ جي سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڏو قدم

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سياحت کاتي صوبي ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ وڏو قدم کڻي ورتو.

ڪنهن به علائقي جي ترقي ۾ سياحت وڏي اهميت رکي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ حڪومت به ان سلسلي ۾ هاڪاري قدم کنيو آهي.

سنڌ جي سياحت کاتي طرفان ڪراچي ايئرپورٽ تي سياحن جي سهولت لاءِ سينٽر قائم ڪيو ويو آهي.

ان سينٽر جو افتتاح سنڌ جي سياحت واري وزير سردار علي شاهه، انويسٽمينٽ وزير سيد قاسم نويد ۽ ايس ٽي ڊي سي جي بورڊ ميمبرن ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي سيد سردار علي شاهه چيو ته ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ سياحن کي سنڌ جي سياحت ڏسڻ جو موقعو ملندو، ايئرپورٽ تي ئي سياحن کي سنڌ جي سمورن سياحتي ماڳن بابت نه رڳو آگاهي ملندي پر اهي اتان ئي ٽوئرسٽ ريزارٽس جي آن لائن بڪنگ ڪرائي سگهن ٿا.

سيد قاسم نويد چيو ته سنڌ جي سياحتي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا زبردست موقعا موجود آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.