لعلو رائنڪ ۾ ڏوهاري سرگرم،هٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش

لعلورائنڪ ۾ ڏوهاري سرگرم ٿي ويا، ڦرون، ڌاڙا ۽ چوريون روز جو معمول بڻجي ويون ڪو به رستي تان ويندڙ ماڻهو محفوظ ناهي رهيو، سج لٿي کان پوءِ وارھ ۽ لاڙڪاڻو روڊ تي چورن جو راڄ قائم ٿي ويو، شهرين پاران چوري ۽ ڦرن جي وارداتن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، شهرين موجب پوليس اطلاع باوجود به وارداتن تي ضابطو آڻڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ،چورن لعلورائنڪ ٿاڻي جي حد پوليس پڪٽ وٽ پيچوها موري تي احسان علي پيچوهو کان هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته موٽرسائيڪل سوار مزاحمت ڪئي جنهن تي کيس ڌڪ ھڻي موبائيل فون ۽روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا ، ان موقعي تي متاثر احسان علي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۾ روز وارداتون ٿي رهيون آهن پر پوليس ضابطو آڻڻ ۾ ناڪام آهي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.