ميرپور ماٿيلو ۾ بدامني خلاف سول سوسائٽي جي سڏ تي مختلف تنظيمن جي ريلي

ميرپور ماٿيلو ۾ بدامني خلاف سول سوسائٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن، جسقم، جسم، جسقم آريسر ايس يو پي طرفان،شٽر بند هڙتال ڪري پريس ڪلب کان گھنٽا گھر چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو، ريلي جي اڳواڻي مکي ڊاڪٽر نند لعل، ڊاڪٽر رميش، دليپ ڪمار مانڌاڻ، ڪامريڊ ڪڪو رام، جسقم ضلع اڳواڻ فقير رمضان ڪلوڙ، مير حسن لاشاري، جسم اڳواڻ ڪمال مھر، جي يو آئي ضلعي امير مولوي اسحاق لغاري، ايس يو پي اڳواڻ اڪرم ميتلو ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڏينهون ڏينهن ھندن سان ظلم آهي، شھر ۾ بدامني عروج تي پهچي وئي آهي پر ھاڻي ظلم جي انتها آهي ھندو برادري سميت شهري ڏينهن جو گھرن ۾ محفوظ ناهن، هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر کان مطالبو ڪيو ته ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ۽ ايس ايڇ او طاهر محمد قادري کي ھٽائي ايماندار آفيسر مقرر ڪيا وڃن ۽ بنادير جي ڦورو گرفتار ڪري انهن سان انصاف ڪري مايوسي ختم ڪئي وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.