ويڪسين نه لڳرائيندڙ ماڻهن ۾ موت جا خطرا وڌيڪ

 

ڪورونا ويڪسين جي فائدن بابت هن وقت تائين ايندڙ ڪيترين ئي تحقيقن مان اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته ويڪسينيشن جي ڪري ماڻهو وبا سان متاثر ٿيڻ سان گهڻي قدر محفوظ بڻجي سگهن ٿا.

تنهن هوندي به آمريڪا ۾ ٿيندڙ هڪ وڏي تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته جيڪي ماڻهو ڪورونا کان حفاظت واري ويڪسين نٿا لڳرائين انهن ۾ ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ مرڻ جا امڪان گهڻا وڌي ويندا آهن.

آمريڪي صحت جي ميگزين سينٽر فار ڊزيز ۽ پروينٽ ڪنٽرول سينٽر (سي ڊي سي) جي تحقيق موجب ويڪسين نه لڳائيندڙ ماڻهن ۾ ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ اسپتال وڃڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن.

ماهرن آمريڪا جي 13 مختلف رياستن ۾ 6 لک کان مٿي مريضن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو، جنهن کانپوءِ نتيجن مان خبر پئي ته گڏيل طور ويڪسين جا ڪيترائي فائدا آهن.

تحقيق جي نتيجن مان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو ويڪسين نٿا لڳرائين، ڪورونا ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ اهڙن ماڻهن جي اسپتال ۾ داخل ٿيڻ جا امڪان 10 سيڪڙو وڌي وڃن ٿا.

نتيجن موجب ويڪسين نه لڳرائيندڙ ماڻهن جي وبا ۾ مبتلا ٿيڻ کانپوءِ مرڻ جي امڪانن ۾ به 11 سيڪڙو خطرا وڌي وڃن ٿا.

سي ڊي سي طرفان ڪيل هڪ وڌيڪ تحقيق ۾ اها به خبر پئي آهي ته گڏيل طور سموريون ويڪسينز ڪورونا جي سمورن قسمن تي اثر انداز ٿين ٿيون ۽ انهن جو 60 کان 90 سيڪڙو فائدو هوندو آهي.

ٻئي تحقيق موجب ڪورونا جي ڊيلٽا سميت سمورن قسمن ۾ موڊرنا جي ويڪسين سڀ کان وڌيڪ 95 سيڪڙو فائديمند هوندي آهي جڏهن ته فائزر ۽ آسٽررزينڪا سميت ٻيون ويڪسين به 60 کان 80 سيڪڙو تائين فائديمند آهن.

تحقيق جي نتيجن مان خبر پئي آهي ته 75 سال يا ان کان مٿي جي عمر واري ماڻهن کي عام طور تي ڪورونا ويڪسينز ڊيلٽا يا ٻين خطرناڪ ڪورونا جي قسمن کان تحفظ فراهم ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.