سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل پاران سانگهڙ جي صحافين تي حملي جي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل سانگهڙ ۾ مير الطاف ٽالپر ۽ غلام قادر ملوڪاڻي تي ٿيل حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار جو مطالبو ڪيو آهي.

سنڌ جرنلسٽس ڪائونسل جي مرڪزي صدر غازي جهنڊير چيو آهي ته سانگهڙ پوليس صحافين کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، جهول جي صحافين مير الطاف ۽ غلام قادر ملوڪائي تي هٿياربندن سرعام فائرنگ ۽ تشدد ڪري کين زخمي ڪري ڇڏيو آهي جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پر هن وقت تائين پوليس هڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي.

هن چيو ته سانگهڙ ضلعو صحافين لاءِ خطرناڪ  بڻجي چڪو آهي، سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو  ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ۽ صحافين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.