سکر: فوتي عورتن جي نالي تي امدادي رقم ڪڍرائڻ جو انڪشاف

 

سکر (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي سکر ۾ مرحوم عورتن جي نالي تي امدادي رقم وصول ڪندڙ جوابدار کي پڪڙي ڪيس داخل ڪري ورتو.

ايف آءِ اي  موجب جوابدار بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي مد ۾ ايندڙ رقم ڪڍرائڻ ۾ ملوث رهيو آهي، هو فوتي عورتن جا به سليڪون ٿمبز ٺاهي امدادي رقم ڪڍندو رهيو آهي.

ايف آءِ اي ٻڌايو ته جوابدار جي قبضي مان چيڪ، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ موبائل فونز هٿ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سليڪون ٿمبز سان رقم ڪڍڻ ۾ ملوث گينگ خلاف ڪارروائي جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.