سوڊان:  گڏيل قومن جي امن مشن ۾ شامل پاڪ فوج جو جوان شهيد

خرطوم (ويب ڊيسڪ) اتر آفريقي ملڪ سوڊان ۾ گڏيل قومن جي امن مشن ۾ شامل پاڪ فوج جو لانس نائيڪ فرض انجام ڏيندي شهيد ٿي ويو.

آءِ ايس پي آڙ طرفان جاري ڪيل بيان موجب يو اين مشن دارفور، سوڊان ۾ خدمتون انجام ڏيندي پاڪ فوج جو لانس نائيڪ عادل جان شهيد ٿي ويو آهي.

آءِ ايس پي آڙ موجب ايف سي بلوچستان جي لانس نائيڪ جو واسطو لکي مروت سان هو، عادل جان دارفور ۾ شهرين جي حفاظت ۽ ماڻهن جي مدد جون ذميواريون انجام ڏئي رهيو هو.

آءِ ايس پي آر موجب هن وقت تائين عالمي امن لاءِ گڏيل قومن جي امن مشنز تي فرض سرانجام ڏيندڙ 161 پاڪستاني فوج شهيد ٿي چڪا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.